Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

يعني جيڪو الله پاڪ سان محبت ڪندو آهي، رسولِ پاڪ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت ڪندو آهي، نيڪ سيرت متقي مسلمانن سان محبت ڪندو آهي، الله پاڪ کي به پنهنجو مددگار مڃيندو آهي ، رسولِ ذيشان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي به پنهنجو مددگار مڃيندو آهي، الله پاڪ جي محبوب ٻانهن کي به پنهنجو مددگار تسليم ڪندو آهي ، اهڙا خوش نصيب (Lucky) ۽ خوش عقيده ماڻهو الله پاڪ جو ٽولو آهن ۽ الله پاڪ جو ٽولو ڪڏهن به مغلوب (Submissive) ناهي ٿيندو، هميشه غالب (Dominant) ئي رهندو آهي.

دشمن اگرچہ گھات میں ہے کوئی غم نہیں              ان کی مدد رہے تو بگاڑ اپنا کیا سکے

عطّارؔ تیرے حامی و ناصِر ہیں مصطفےٰ                                   کس کی مجال ہے کہ جو تجھ کو دبا سکے([1])

جوتيءَ مبارڪ ڌاڙيل جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو

شيخ ابو عَمرو ۽ شيخ عبدالحق حريمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهما فرمائن ٿا: 555 هجري جي ڳالهه آهي، 3 صفر شريف، آچر (Sunday) جو ڏينهن هو، اسين حضور غوثِ اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مدرسي ۾ حاضر هئاسين، ان وقت حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪاٺ جا چپل (جوتا) پاتا ۽ وضو فرمايو، وضو فرمائڻ کان پوءِ پاڻ 2 رڪعتون نفل ادا ڪيا، نماز کان فارغ ٿي پاڻ بلند آواز سان پڪاري ڪجهه چيو ۽ هڪ چپل هوا ۾ اڇلايو، پوءِ اهڙي طرح ٻيو چپل به اڇلايو، ٻئي جوتا اسان جي نظرن کان غائب ٿي ويا. پاڻ ٻيهر پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيا. اسان مان ڪنهن کي واقعو (Incident) معلوم ڪرڻ جي جرئت نه ٿي.

23  ڏينهن گذرڻ کان پوءِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مدرسي ۾ هڪ قافلو آيو، قافلي وارن چيو: اسان کي حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪرڻو آهي. تنهنڪري اسان غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان اجازت


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:412 ملتقطًا۔