Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ
آهيون. هي سمورو منظر ڏسي ان شخص جا وسوسا دم ٽوڙي ويا ۽ هو توبه ڪري خوش عقيده، عاشقِ رسول و عاشقِ اولياء بڻجي ويو. ([1])
شَیْئًا لِلّٰہِ یَا عَبْدَالقَادِرِ یَا ساکِن بَغْدَاد یَا شَیْخَ الْجِیْلَانِیْ
کرم چاہئے تیرا، تیرے خُدا کا کرم غوثِ اعظم، کرم غوثِ اعظم
خدارا ذرا ہاتھ سینے پہ رکھ دو ابھی مٹتے ہیں غم، اَلَم غوثِ اعظم
خبر لو ہماری کہ ہم ہیں تمہارے کرو ہم پہ فضل و کرم غوثِ اعظم
کرم سے کیا رہنما رَہْزنوں کو ادھر بھی نگاہِ کرم غوثِ اعظم([2])
شَیْئًا لِلّٰہِ یَا عَبْدَالقَادِرِ یَا ساکِنَ بَغْدَاد یَا شَیْخَ الْجِیْلَانِیْ
پياري اسلامي ڀائرو! اسان قرآنِ ڪريم جي آيت ٻڌي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته الله پاڪ به مددگار آهي، ان جا محبوب ٻانها به مددگار (Helpful) آهن. هن موقعي تي ڪجهه ماڻهو هي سوال ڪندا آهن ته ٺيڪ آهي مڃيوسين! اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم مددگار آهن پر جڏهن الله پاڪ پاڻ اسان جي ٻڌي ٿو، اسان جي مدد به فرمائي ٿو، پوءِ آخر اسين ٻانهن کان مدد گهرون ئي ڇو؟ صرف الله پاڪ کان ئي مدد گهرون.
تمام اهم سوال (Important Question) آهي، تمام گهڻا خوش عقيده ماڻهو به هن شيطاني وسوسي جو شڪار ٿي ويندا آهن. ان جو جواب ڇا آهي؟ اچو! هڪ حديثِ پاڪ ٻڌون ٿا. حديثِ حَسَن آهي يعني سند جي اعتبار سان هن حديث ۾ ڪلام نه آهي، ڪيئي محدثن هن حديث کي ذڪر ڪيو آهي ۽ وڏن وڏن عالمن محدثن پاڻ هن حديثِ پاڪ جو تجربو به ڪيو آهي، ڪهڙي حديث شريف آهي؟ ٻڌو! بدري صحابي حضرت عتبه بن غزوان رَضِیَ الله عَنْہُ فرمائن ٿا: الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن توهان مان ڪنهن جي ڪا شيءِ گم ٿي وڃي ۽ هجي به ويران جاءِ تي