Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

جتي ڪوبه مددگار نه هجي، اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن هو مدد گهري ته هيئن چوي: يَاعِبَادَ الله أَغِيثُونِي، يَا عِبَادَ الله أَغِيثُونِي اي الله جا ٻانهو! منهنجي مدد ڪريو! اي الله جا ٻانهو! منهنجي مدد ڪريو! ([1])

هاڻي ڏسو! اها تعليم ڪير ڏئي رهيو آهي؟ * اسان جا آقا، اسان جا هادي، اسان جا رهبر صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! دنيا جي اها هستي جيڪا سڀ کان وڏي توحيد پرست آهي * اهي آقا صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪي سڀ کان وڌيڪ الله پاڪ جي معرفت رکڻ وارا آهن * اهي آقا صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪي سڀ کان وڌيڪ توحيد جو چرچو ڪرڻ وارا آهن * اهي هادي ۽ رهبر صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي تعليم ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن توهان اهڙي جاءِ تي آهيو، جتي ظاهري طور تي ڪو مددگار نظر نه پيو اچي، اهڙي جاءِ تي جيڪڏهن مدد گهرجي ته ڪنهن کي پڪاريو! الله جي بندن کي...!

غور ڪريو! ڇا محبوب ذيشان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (معاذ الله!) نه ٿا ڄاڻن ته الله پاڪ مددگار آهي ته ان کان ئي مدد گهري وڃي، انهن ئي ته اسان کي الله پاڪ کان گهرڻ سيکاريو آهي، يعني جن محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي الله پاڪ کان گهرڻ سيکاريو آهي، اهي ئي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ترغيب ڏياري رهيا آهن ته الله پاڪ جي ٻانهن کان گهرو! ۽ اهي ٻانها به جيڪي ظاهري طور تي نظر نه پيا اچن، اکين کان غائب آهن، لهٰذا جن جي تعليم تي اسان الله پاڪ کان گهرون ٿا، انهن جي ئي ترغيب تي اسان اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم کان به مدد گهرندا آهيون.

ولين جي مدد الله پاڪ جي ئي مدد آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي اهو به ياد رکو! ولين جي مدد اصل ۾ غير الله جي مدد ناهي، اها الله پاڪ جي ئي مدد آهي جيڪا ولين جي ذريعي ملندي آهي. جيئن الله پاڪ رزاق آهي، اهو ئي رزق ڏيندو آهي پر هر هڪ تائين رزق پهچڻ جا ذريعا (Sources) مختلف آهن، ڪنهن کي دڪان (Shop) جي


 

 



[1]...معجم الکبیر، ما اسند عتبۃ بن غزوان، جلد:7، صفحہ:48، حدیث:13737۔