Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

جو اهتمام ڪندا ڪريو! وڌيڪ مشڪل جو ڪم ناهي، حسبِ طاقت جيترو ٿي سگهي، جيڪو ٿي سگهي کاڌو وغيره پچائي وٺو! ان تي ختم پاڪ پڙهي حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي ايصالِ ثواب ڪريو! ممڪن هجي ته هي کاڌو غريبن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو! خود به کائي سگهو ٿا، اهلِ خانه کي به کارائي سگهو ٿا. هي سٺو ڪم ڪريو ته اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْكَرِيْم! ان جون تمام گهڻيون برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ايپلي ڪيشن جو تعارف

اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي: Online rohani ilaj & istikhara آن لائن روحاني علاج اينڊ استخاره. هن ايپلي ڪيشن ۾ * آن لائن استخاره   *  آن لائن روحاني علاج *  آن لائن ڪاٽ ۽ مختلف وظيفا يعني بيماري کان شفا * غربت (Poverty) کان نجات *  غم (Sadness) کان ڇوٽڪارو * بلائن کان حفاظت * ۽ دعا جي قبوليت وغيره جا وظيفا شامل آهن توهان به پنهنجي موبائل ۾ اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب (Motivation) ڏيو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:

صحيح ڇا آهي؟

(صحيح شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)

مسئلو: نماز ۾ سورت فاتحه کان پوءِ آهستي آواز ۾ آمين چوڻ سنت آهي.