Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ
وضاحت: يعني اهي غافل (Heedless) ماڻهو آهن جيڪي موت کي زندگي جو انتظام (End) سمجهن ٿا، موت (Death) اصل ۾ هن دنياوي ظاهري زندگي جي شام آهي پر هميشه جي زندگي (Eternal Life) لاءِ هڪ نئين صبح ٿيندي آهي، يعني موت کان پوءِ هڪ اهڙي زندگي جي شروعات ٿيندي آهي، جنهن کان پوءِ ڪڏهن موت نه ايندو.
يا شيخ عبدالقادر جيلاني! شيئًا لِلّٰه!
ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ ڪامل ولي گذريا آهن. هڪ ڏينهن هڪ شخص انهن سان ملاقات لاءِ حاضر ٿيو، هي اچڻ وارو اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم جي باري ۾ وسوسن جو شڪار هو، جڏهن هي سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ته سندن تقويٰ پرهيزگاري، سنتن تي عمل وغيره ڏسي تمام گهڻو متاثر (Impress) ٿيو، پوءِ ان جي نظر اوچتو ڀِت تي پئي، اتي لکيل هو: يَا شَيخ عَبْدُالْقَادِر جِیْلَانِیْ شَیْئًا للہ! يعني اي شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه! الله پاڪ جي واسطي مون کي ڪجهه عطا ڪريو! هي ڏسي ته اهو ناراض (Angry) ٿي ويو، هن ناراضگي واري انداز ۾ پنهنجي وسوسن جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو. ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪامل ولي هئا ۽ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم صاحبِ قال نه بلڪه صاحبِ حال هوندا آهن يعني اهي چئي گهٽ سمجهائيندا آهن، بلڪ ڪري ڏيکاريندا آهن. توهان ان جي تيز لهجي تي صبر و تحمل (Tolerate) ڪيو، پوءِ جڏهن اهو شخص وڃڻ لڳو ته پاڻ به دروازي تائين ان سان گڏ ويا، جڏهن دروازي جي ويجهو پهتا ته پاڻ وڏي آواز سان چيائون: يَا شَیْخ عَبْد القَادِرِجِیْلَانِیْ شَیْئًا للہ! اي شيخ عبدالقادر جيلاني! الله پاڪ جي واسطي ڪجهه عطا ڪريو! بس ايترو چوڻ هو ته هڪ تمام حسين، خوبصورت (Beautiful) ۽ صاحبِ جلال بزرگ ظاهر ٿيا، سندن جلال ۽ رعب ۽ دٻدٻو ڏسي اهو بدمذهب ڏڪي ويو، انهن جي حسن جي تاب نه آڻي سگهيو، ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: مولوي صاحب! هي ته شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آهن، جن کي اسان مدد لاءِ سڏيندا آهيون، هي مرده نه بلڪه الله پاڪ جي عطا سان زنده آهن، ان ڪري اسان کين سڏيندا