Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ
بلڪه حقيقت (Reality) ۾ الله پاڪ جي ئي مدد آهي جيڪا انهن جي ذريعي ڪئي ويندي آهي.
خير! اها ڳالهه ٻن پهرن جي سج وانگر بلڪل واضح ۽ صاف آهي ته الله پاڪ جي نبين، ولين ۽ نيڪ ماڻهن کان انهن جي زندگي ۾، انهن جي وفات کان پوءِ به مدد گهرڻ، انهن کي پنهنجو مددگار سمجهڻ هرگز هرگز برو ناهي بلڪه اهو سٺو عمل ڪيترين ئي مشڪلاتن (Hardships) جو بهترين حل (Solution) آهي. بهجة الاسرار شريف ۾ آهي: حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: جنهن ڪنهن مصيبت (Trouble) ۾ مون کان فرياد ڪئي، اها مصيبت ٽري وئي، جنهن ڪنهن سختيءَ ۾ منهنجو نالو پڪاريو اها سختي دور ٿي وئي، جيڪو منهنجي وسيلي سان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پنهنجي حاجت پيش ڪري، اها حاجت پوري ٿيندي، جيڪو شخص 2 رڪعت نفل پڙهي ۽ هر رڪعت ۾ الحمد شريف (يعني سُورت فاتحه) کان پوءِ قُلْ هُوَ الله شريف (يعني سورت اخلاص مڪمل) 11، 11 دفعا پڙهي، سلام ڦيرڻ کان پوءِ سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود شريف پڙهي، پوءِ بغداد شريف جي طرف 11 قدم هلي منهنجو نالو پڪاري ۽ پنهنجي حاجت بيان ڪري، اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْكَرِيْم! ان جي حاجت (Need) پوري ٿيندي. ([1])
آپ جیسا پیر ہوتے کیا غَرَض دَر دَر پھروں
آپ سے سب کچھ ملا یاغوثِ اعظم دَسْت گِیر([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اها نمازِ حاجت جيڪا حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ٻڌائي، ان کي نمازِ غوثيه چوندا آهن. تمام مجرب (Proven) آهي (يعني