Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

وَ  لَقَدْ  نَصَرَكُمُ  اللّٰهُ  بِبَدْرٍ

(سيپارو: 4، آلِ عمران: 123)

ترجموڪنزُالعرفان: بيشڪ الله پاڪ بدر ۾ توهان جي مدد ڪئي

 مدد ڪرڻ آيا ڪير؟ فرشتا. الله پاڪ ڇا فرمائي ٿو؟ الله مدد ڪئي. معلوم ٿيو: الله پاڪ جا مقرب ٻانها، الله پاڪ جي عطا سان، الله پاڪ جي ڏنل طاقت (Power) سان مدد ڪن ته اها غيرالله جي مدد ناهي بلڪه اها الله پاڪ جي ئي مدد آهي جيڪا اهو پنهنجي ٻانهن جي ذريعي ڪرائيندو آهي.

هڪ راڳي جي ايمان افروز توبه

هڪ ڀيري حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بيان فرمائي رهيا هئا، بيان دوران اوچتو پاڻ خاموش (Silent) ٿي ويا ۽ فرمايائون: 100 اشرفيون پيش ڪيون وينديون ته اڳتي بيان ڪندُس. ايترو ٻڌڻ کان پوءِ هڪ، ٻه نه بلڪه 40 ماڻهو 100، 100 اشرفيون کڻي حاضر ٿي ويا، پاڻ هڪ خوش نصيب کان اشرفيون قبول فرمايون ۽ پنهنجي خادم حضرت ابو رضا رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي ڏئي فرمايائون: فلاڻي قبرستان (Graveyard) ۾ هليا وڃو! اتي توهان کي هڪ پوڙهو نظر ايندو، اهو عُود (يعني موسيقي جو هڪ اوزار مثلاً گِٽار) وڄائي رهيو هوندو، اهي اشرفيون ان کي ڏجانءِ ۽ ان کي پاڻ سان گڏ مون وٽ وٺي اچجانءِ. خادم فوري طور تي حڪم تي عمل ڪيو، جڏهن اهو قبرستان پهتو ته اتي هڪ پوڙهو موجود هو، گِٽار وڄائي رهيو هو، خادم پوڙهي کي سلام ڪيو ۽ چيو: حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه توهان لاءِ 100 اشرفيون موڪليون آهن، اهو ٻڌندي ئي ان پوڙهي ماڻهو رَڙِ ڪئي ۽ زمين تي ڪري بيهوش (Unconscious) ٿي ويو. جڏهن هوش آيو ته خادم چيو: حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه توهان کي ياد فرمائي رهيا آهن. جيئن ته اهو پوڙهو ماڻهو فوري طور تي گڏ هليو، جڏهن اهي ٻئي بزرگ بارگاھِ غوثيت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ فرمايائون: هن پوڙهي کي منبر تي وٺي اچو! ان کي منبر تي چاڙهيو ويو، هاڻي غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: پنهنجو واقعو بيان ڪر! پوڙهي چيو: