Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ
هي 3 هستين جو ذڪر آهي: (1): الله پاڪ (2): الله پاڪ جو پيارو رسول صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (3): نماز قائم ڪرڻ وارا، زڪوٰت ڏيڻ وارا، رڪوع ڪرڻ وارا نيڪ سيرت، ڪامل مسلمان. يعني الله پاڪ به توهان جو مددگار آهي، رسولُ الله صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به توهان جا مددگار آهن ۽ الله پاڪ جي عطا سان، ان جي توفيق سان، ان جي ڏنل طاقت (Power) سان نيڪ سيرت ڪامل مسلمان به توهان جا مددگار آهن ۽ صرف اهي ئي مددگار (Helpful) آهن، انهن کان علاوه ڪنهن ڪافر، غير مسلم، مرتد، الله پاڪ جي نافرمان (Disobedient) کي پنهنجو دوست (Friend) پيارو ۽ مددگار هرگز نه بڻايو!
معلوم ٿيو ته صرف الله پاڪ کي مددگار مڃڻ، ان کان سواءِ هر مدد (Help) کي شرڪ ۽ بدعت قرار ڏيڻ، بلڪل 100٪ غلط (Wrong) آهي. الله پاڪ اسان کي صاف صاف فرمائي رهيو آهي ته الله پاڪ به توهان جو مددگار آهي، رسول الله صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به توهان جا مددگار آهن ۽ تمام متقي مسلمان به توهان جا مددگار آهن. تنهنڪري جيڪو ٻانهو شيطاني وسوسن ۾ اچي الله پاڪ جي مقبول ٻانهن جي مدد کان انڪار ڪندو آهي، اهو هن آيتِ ڪريمه جو انڪاري آهي. الله پاڪ اسان کي سلامتي (Safety) نصيب فرمائي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسان غلامانِ رسول آهيون، غلامانِ اولياء آهيون، اسان الله پاڪ کان به مدد گهرون ٿا ۽ ڇاڪاڻ ته ربِ ڪريم پنهنجن محبوب ٻانهن کي به اسان جو مددگار بڻايو آهي، تنهنڪري قرآني تعليمات تي عمل ڪندي اسان ان جي محبوب ٻانهن کان به مدد گهرندا آهيون. هن مدد گهرڻ جون برڪتون ڇا آهن؟ الله پاڪ کي، رسولِ ڪريم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي، الله پاڪ جي محبوب ٻانهن کي پنهنجو مددگار مڃڻ جون برڪتون ڇا آهن؟ هي به قرآنِ ڪريم مان ئي ٻڌي وٺو! وڏي ايمان افروز ڳالهه آهي، ان کان اڳيان ئي آيت ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ مَنْ یَّتَوَلَّ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا فَاِنَّ حِزْبَ اللّٰهِ هُمُ الْغٰلِبُوْنَ۠(۵۶)
(سيپارو: 6، المائده: 56)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول ۽ مسلمانن کي پنهنجو دوست بڻائي ته بيشڪ الله جو ئي ٽولو غالب آهي.