Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

زندگي (Life) جو شعور نٿا رکو، هاڻي هي آيتِ ڪريمه واضح طور تي شهيد جي زندگي کي ثابت ڪري رهي آهي پر سوال آهي: شهيد ڪير؟ اهو جيڪو غير مسلمن سان جنگ ڪندي شهادت حاصل ڪري؟ نه...! صرف اهو نه بلڪه شهيد ٻيا به گهڻا آهن. مسندِ امام احمد بن حنبل ۾ حديثِ پاڪ آهي، تاجدارِ ڪائنات، مڪي مدني سردار صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِنَّ اَكْثَرَ شُہَدَاءِ اُمَّتِي لَاَصْحَابُ الْفُرُشِ يعني منهنجي امت جا گهڻو ڪري شهيد اهي آهن، جن کي بستري تي موت اچي ٿو، وَ رُبَّ قَتِيْلٍ بَیْنَ الصَفَّیْنِ اللہُ اَعْلَمُ بِنِیَّتِہٖ يعني نه ته ڪيترا جنگ دوران مرڻ وارا اهڙا آهن جو انهن جي نيت بس الله پاڪ ئي بهتر (Better) ڄاڻي ٿو. ([1])

معلوم ٿيو ته شهيد صرف اهو نه آهي جيڪو جنگ ۾ شهادت حاصل ڪري بلڪه امت جا گهڻا شهيد اهي آهن جن کي فِي سَبِيلِ الله (يعني نيڪيون ڪندي، الله ۽ رسول جي اطاعت ۾) بستري تي موت ايندو آهي. توهان  پاڻ غور فرمايو! حديثِ پاڪ ۾ پنهنجي نفس سان جهاد ڪرڻ (يعني نفس کي سڌارڻ) کي جهادِ اڪبر قرار ڏنو ويو آهي. ([2]) ته جيڪو جهادِ اصغر ڪري يعني غير مسلمن سان جنگ ڪري، شهيد ٿي وڃي اهو ته زنده آهي، رب فرمايو: ان کي هرگز مرده نه چئو! ته جيڪي جهادِ اڪبر ڪرڻ وارا آهن، اهي پوءِ زندھ ڇو نه هوندا...؟

يقينًا اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم پنهنجي مزارن ۾ زندھ آهن ۽ الله پاڪ جي عطا سان، ان جي توفيق سان، ان جي فضل و ڪرم سان اسان غلامن جي مدد به فرمائيندا آهن. ڊاڪٽر اقبال چوي ٿو:

موت کو سمجھے ہیں غافِل اختتامِ زندگی

ہے  یہ  شامِ  زندگی،  صبحِ  دوامِ  زندگی([3])


 

 



[1]...مسندامام احمد، مسند المکثرین، مسند عبداللہ بن مسعود رَضِیَ اللہُ عنہ، جلد:2، صفحہ:530، حدیث:3845۔

[2]...الزہد الکبیر، فصل فی ترک الدنیا...الخ، صفحہ:165، رقم:373 ماخوذاً۔

[3]...مطالب کلام اقبال، ہمایوں، صفحہ:421۔