Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
ہر ڏينهن کي پنهنجو آخري ڏينهن، ہر نماز کي آخري نماز ۽ ہر ننڊ کي پنهنجي آخري ننڊ سمجھي۔ مزيد فرمائن ٿا: اي ٻانها تنهنجو کائڻ پيئڻ، اہل و عيال ۾ رہڻ سَہڻ ۽ پنهنجي دوست اَحۡباب سان ملڻ جُلڻ، هڪ رُخۡصَت ٿيڻ واري شَخۡص جيان هئڻ گھرجي، ان لاءِ جو اهو شخص جنهن جي زندگي جي رَسي ۽ تمام اِخۡتِيارات ٻي ڪنهن جي قبضي ۾ ہجن، ان کي اهڙي طرح دُنيا ۾ رہڻ گھرجي۔ (الفتح الرباني،المجلس الثاني والستون ،ص ۲۲۰)
فڪرِ آخرت کان غافل ماڻهن کي تنبيھ ڪندي حُضُور غوثِ پاڪ اِرۡشاد فرمائن ٿا: (اي نادان انسان!) ٿورو غور ڪر! جڏهن هن فَنا ٿيڻ واري دُنيا جو حُصُول بغير محنت ۽ مَشَقَّت جي ممڪن ناهي (يعني دُنيا جي فاني نعمتن جي لاءِ محنت ڪرڻي ٿي پوي) ته اُها شيء جيڪا اللہ عَزَّوَجَلَّ وٽ آهي (۽ ہميشه رہڻ واري آهي) ان جو بغير رياضت ۽ محنت جي ملڻ ڪهڙي طرح ممڪن آهي؟
(الفتح الرباني،المجلس الثاني والستون ،ص ۲۲۲)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سرڪارِ بغداد، حُضُورِ غوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اسان کي دُنيا جي فاني رونقن کان جان ڇڏائڻ ۽ قَبۡر ۽ حشۡر جي تياري جو ذِہۡن بنائڻ جي ترغيب ڏياري رهيا آهن۔ واقعي عَقلمند اهو آهي، جيڪو موت کان پهريان موت جي تياري ڪندي نيڪين جو ذَخِيرو جمع ڪري وٺي ۽ سُنتن جو مَدَني چَراغ قَبۡر ۾ گڏ کڻي وڃي ۽ اهڙي طرح قَبۡر جي روشني جو اِنتِظام ڪري وٺي، نه ته قَبۡر ہرگز هي لحاظ نه ڪندي ته منهنجي اندر ڪير آيو آهي! امير ہجي يا فقير، وزير ہجي يا ان جو مُشِير، حاڪم ہجي يا محڪوم، افسر ہجي يا چپڙاسي، سيٺ ہجي يا مُلازِم، ڊاڪٽر ہجي يا مريض، ٺيڪيدار ہجي يا مزدور، جيڪڏهن ڪنهن سان گڏ به آخِرت جي سامان ۾ ڪمي رہي، نَمازون قَصدًا (ڄاڻي واڻي ڪري) قضا ڪيون، رَمَضان شريف جا روزا بِلاعُذر شَرعي نه رکيا، فَرض ہوندي به زڪوٰة نه ڏني، حج فرض هو پر اَدا نه ڪيو، باوُجُودِ قُدرت شَرعي پردو نافِذ نه ڪيو، ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪئي، ڪوڙ، غيبت، چُغۡلي جي عادت رہي، فلمون، ڊراما ڏسڻ جو معمول رهيو، گانا باجا