Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

تقريبًا ناممڪن آهي۔  حضرت سَيدُنا شيخ عبدُالقادر جيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: اي اللہ عَزَّوَجَلَّ   جا ٻانها! تُون اللہ عَزَّوَجَلَّ   کان بي خوف نه ٿي بلڪه خوف کي لازم پڪڙ، جيڪڏهن اللہ عَزَّوَجَلَّ   جنَّت ۽ جہنَّم کي پيدا نه فرمائي ها تڏهن به ان جي ذات ان ڳالھ جي مُسۡتَحِق هئي ته ان کان خوف ڪيو وڃي ۽ ان کان اُميد رکي وڃي۔ (الفتح الربانی،المجلس التاسع عشرفی مخافۃ اللہ،ص۷۵،۷۶)

   ياد رهي! خوفِ خدا مان مُراد صِرف هي ناهي ته قَبۡر ، حشر ۽ حساب و ميزان وغيرہ جا حالات ٻُڌي يا پڙھي ڪري فقط ڪجھ آھ ۽ زاري ڪرڻ ...يا... پنهنجي مٿي کي ڪجھ دفعا هيڏانهن هوڏانهن گھمائڻ...يا... افسوس وچان هٿ مَلڻ يا اکين مان ڪجھ لڙڪ وَهائڻ بلڪه اُن سان گڏوگڏ خوفِ خدا جي عملي تَقاضن کي پُورو ڪندي يعني گناھن کي ڇڏي ڏيڻ ۽ اطاعتِ الٰہي   ۾ مَشغول ٿي وڃڻ ، اُخۡرت ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ بي حد ضروري آهي۔     

       حُضُورغوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا:  (اي اللہ عَزَّوَجَلَّ   جا ٻانهؤ!) ان جي ذات جو طالب بڻجي ڪري ان جي اطاعت ڪريو، اُن جي اَحڪامن کي بجا آڻڻ، ان جي ممنوعات (منع ڪيل) کان باز رہڻ ۽ان جي قضا ۽ قَدر تي صَبر ڪرڻ ۾ ان جي اطاعت آهي، توهان ان جي بارگاھ ۾ توبھ ڪريو ۽ اُن جي سامهون خُوب خُوب عاجزي ۽ گِريو ۽ زاري ڪريو ۽ جڏهن توهان صِدۡقِ دل سان توبھ ڪندؤ ۽ اَعمالِ صالحه تي ہميشگي اِخۡتيار ڪندؤ، ته اللہ عَزَّوَجَلَّ    توهان کي نَفۡعو عطا فرمائيندو۔  (الفتح الربانی،المجلس التاسع عشرفی مخافۃ اللہ،ص۷۵)

      اسان کي به پنهنجو مُحاسَبو ڪرڻ گھرجي ته ھاڻي تائين اسان پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترا ئي ساھ کڻي چڪا آهيون، بچپن، جواني ۽ پوڙاهپ، پنهنجي عُمر جو ڪيترو عرصو اسان گذاري چڪا آهيون؟ انهي دوران ڪيترا دفعا اسان خوفِ خدا کي پنهنجي دل ۾ محسوس ڪيو؟ ڇا ڪڏهن اسان جي بدن تي به اللہ عَزَّوَجَلَّ     جي خوف کان لرزو طاري ٿيو؟ ڇا ڪڏهن اسان جي اکين مان خَشيتِ الٰہي جي سبب ڳوڙها جاري ٿيا؟ جيڪڏهن جواب ہا ۾