Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
جيڪو پنهنجي لاءِ توبھ جي ضرورت محسوس نه ڪري۔ اِن آيتِ مُبارَڪه ۾ رَبِّ ڪريم عَزَّوَجَلَّ جي صِفَتِ سَتَّاري جو تمام گھڻو ظہور آهي ته ان تمام اَہلِ ايمان کي توبھ جو حڪم ارشاد فرمايو، ته جيئن مُجرِم رُسوا نه ٿين، ڇو جو جيڪڏهن صرف مُجرِمن کي خطاب ہجي ها ته اُن جي رُسوائي ٿئي ها، ان فرمان مان اُميد ٿي پوندي آهي ته جيئن دُنيا ۾ رُسوا ناهي ڪيو ، ائين ئي آخرت ۾ به رسوا نه ڪندو۔'“ (تفسیر روح البیان، پ١٨، النور، تحت الایۃ:٣١، ٦/١٤٥)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقينًا اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رحمت بي حَد ۽ بي حساب آهي ته اُن جا گُناھ گار ٻانها چاهي ان جون ڪيتريون ئي نافرمانيون ڪندا رهن، ڏينهن رات اُن جي حقن جي پامالي کان به پاسو نه ڪندا هجن، پر پوءِ به اهو ڪريم رَبّ عَزَّوَجَلَّ اسان کي مُسلسل مہلت ڏئي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اسان سچي توبھ ڪري وٺون ته اسان جون سمورين خَطائن کي مُعاف فرمائي ڇڏي، ايترو نه بلڪه پنهنجي ٻانهن تي رحمتن جي مزيد عطائون ڪندي ان جي تمام گناھن کي به نيڪين سان بدلي ڇڏيندو آهي. جيئن ته
سيپاري 19، سُوۡرَۃُ الۡفُرقَان جي آيت نمبر 70 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
اِلَّا مَنْ تَابَ وَ اٰمَنَ وَ عَمِلَ عَمَلًا صَالِحًا فَاُولٰٓىٕكَ یُبَدِّلُ اللّٰهُ سَیِّاٰتِهِمْ حَسَنٰتٍؕ-وَ كَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِیْمًا(۷۰) |
| تَرۡجَمو ڪنز الايمان: مگر جيڪو توبھ ڪري ۽ ايمان آڻي ۽ چڱا ڪم ڪري پوءِ اهڙن هي برائين کي اللہ چڱاين سان بدلي ڇڏيندو ۽ الله بخشڻهار مہربان آهي. |
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته اسان جو رحيم ۽ ڪريم رَبّ عَزَّوَجَلَّ اسان کي ڪهڙي طرح توبھ جي ترغيب ڏياري رهيو آهي ۽ ان تي ڪهڙيون ڪهڙيون عظيم بشارتون به ٻُڌائي رہيو آهي۔ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي اهڙي ڪرم نوازين کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو گناھن جو عادي رهي ۽ توبھ ۾ تاخير ڪندو رهي ته ان کان وڏو نادان ڪير هوندو؟ اچو ته! توبھ جي اَہميت، دِل ۾