Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! آئي ڏينهن کنيا ويندڙ جَنازا ۽ آئي ڏينهن رُونُما ٿيڻ وارا عبرت ناڪ واقعا اسان کي خبردار ڪندي ۽ جھنجھوڙيندي، موت کان پهريان حياتي کي غنيمت سمجھڻ جي صَدا ڏئي رهيا آهن، پر اِن کي اهو ئي ڪن لڳائي ٻڌندو آهي، جنهن کي آخِرت جي بہتري جي فِڪۡر دامن گِير ہوندي آهي۔ آئي ڏينهن موت کان ہم ڪنار ٿيڻ وارن ۾ جَوان، پوڙها ۽ ٻار به هوندا آهن، موت ڪنهن جي عُمۡر ۽ مرتبو ناهي ڏسندو، ڪنهن نادار ۽
مالدار جي پرواھ ناهي ڪندو، ڪنهن جي مشغوليت يا فُرصَت کي ناهي ڏسندو، موت! سَاھ پُورا ٿي وڃڻ تي گھڙيءَ کن ۾ قَبۡر جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي۔ تنهنڪري زندگي کي غنيمت ڄاڻيندي اڄ ئي گناھن تي نادم ٿي ڪري سچي توبھ ڪريو، جيڪڏهن ٻيهر گناھ ٿي وڃن ته ٻيهر توبھ ڪري وٺو۔ سيپاري 6 سُوۡرَةُ الۡمائِدہ جي آيت نمبر 39 ۾ اِرۡشاد ٿئي ٿو:
فَمَنْ تَابَ مِنْۢ بَعْدِ ظُلْمِهٖ وَ اَصْلَحَ فَاِنَّ اللّٰهَ یَتُوْبُ عَلَیْهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ(۳۹) |
| تَرۡجَمو ڪنز الايمان: سو جيڪو پنهنجي ظلم کان پوءِ توبه ڪري ۽ پاڻ سُڌري وڃي ته اللہ پنهنجي مہر سان ان تي رجوع فرمائيندو بيشڪ اللہ بخشنيدڙ مہربان آهي. |
سيپاري 18 سُوۡرَۃُ النُّوۡر ،آيت نمبر 31 ۾ اِرۡشاد ٿئي ٿو:
وَ تُوْبُوْۤا اِلَى اللّٰهِ جَمِیْعًا اَیُّهَ الْمُؤْمِنُوْنَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ(۳۱) |
| تَرۡجَمو ڪنز الايمان : ۽ اللہ جي طرف توبھ ڪريو اي مسلمانو سموري جا سمورا هن اميد تي ته توهان ڇٽڪارو لهو. |
حضرت ِسَيدُنااِسمَاعِيل حَقِّي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان آيت جي تحت فرمائن ٿا: اللہ عَزَّوَجَلَّ تمام مسلمانن کي توبھ ۽ اِستِغفَار جو حڪم فرمايو،ان لاءِ جو انسان فطرةً ڪمزور آهي، باوُجُود ڪوشش جي اهو ڪا نه ڪا غلطي ڪري ڇڏيندو آهي۔ اِمَام قُشَيۡرِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”توبھ جو سڀ کان وڌيڪ محتاج اهو آهي،