Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
ہجي ته سوچيو، ته ڇا اسان ان ڪيفيتن کي محسوس به ڪيو، ته ڇا خوفِ خدا جي عملي تَقاضن کي پُورو ڪندي بقايا زِندگي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي اطاعت ۾ گذارڻ جي سعادت حاصل آهي؟ يا فقط ان ڪيفيتن جي دل تي طاري ٿيڻ سان مُطمئِن ٿي وياسين ته اسان اللہ تعاليٰ کان ڊڄڻ وارن مان آهيون ۽ مختلف گناھن سان پنهنجو نامهء اعمال ڪارو ڪرڻ جو عمل مسلسل جاري رکيو آهي ۽ جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب نفي ۾ اچن ته غور ڪريو، ڪٿي ائين ته ناهي ته گناھن جي ڪثرت جي نتيجي ۾ اسان جو دل سَخۡت کان سَخۡت تَر ٿي چڪو هجي، جنهن جي سبب اسان ان ڪيفيتن کان اڃا تائين نا آشنا آهيون۔ جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته مقامِ تَشۡوِيش آهي ته اسان جي قَساوتِ قَلۡبي (دل جي سختي) ۽ اُن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري غَفۡلت، ڪٿي اسان کي جہنَّم جي گہرائين ۾ نه ڌِڪي ڇڏي۔
سلسلہ آہ!گناھوں کا بڑھا جاتا ہے نِت نیا جُرم ہر اِک آن ہوا جاتا ہے
آہ! جاتی نہیں ہے عادتِ یاوہ گوئی وَقْت انمول یُوں برباد ہوا جاتا ہے
اپنی اُلْفَت کا مجھے جام پِلا دو ساقی! قَلْب دُنیا کی مَحَبَّت میں پھنسا جاتا ہے
(وسائلِ بخشش،ص:432)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقينًا انسان کان گُناھ ٿي ويندا آهن، پر ان تي ہميشگي اِخۡتيار ڪري وٺڻ ۽ توبھ کي بلڪل وساري ڇڏڻ وڏي بدنصيبي آهي۔ پيرن جا پير، روشن ضمير، شيخ عبدُالقادر جيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: اي مسلمانو! جيستائين زندگي جو دروازو کليل آهي، ان کي غنيمت سمجھو ته اهو عنقريب تو تي بند ڪيو ويندو، جيتري قدر نيڪ عمل ڪرڻ جي قُدرت رکندا ہجو، ان کي غنيمت سمجھو ۽ توبھ جي دروازي کي غنيمت سمجھو ته جيستائين اهو کليل آهي،ان ۾ داخِل ٿي وڃو۔ (الفتح الربانی،المجلس الرابع فی التوبۃ،ص۲۹)