Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

منهنجي زِندگي ۾ بهار اچي وئي:

   زم زم نگر، حيدرآباد (بابُ الاسلام،سنڌ) جي علائقي آفندي ٽاؤن جي مقيم هڪ اسلامي ڀاءَ جي بيان جو لُبِّ لُباب آهي: آئون هڪ فيشن پرست نوجوان هئس، دُنيا جي موج مستي ۾ گُم، پنهنجي آخرت جي اَنۡجام کان غافل زندگي جا ڏينهن گذاري رهيو هئس ته منهنجي سُتل قسمت جاڳي پئي، مون

کي مَدرَسةُ المدينه (برائي بالغان) جون روحاني فضائون ته ڇا ميسر آيون، منهنجي ته خوش بختي جي سفر جو آغاز ٿي ويو۔ مَدرَسَةُ المدينه (برائي بالغان) جي برڪتن منهنجي دل جي ڪارهه کي خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطفٰي جي ڏيئي سان مُنوَّر ڪري ڇڏيو۔ ان ۾ مون کي قرآنِ ڪريم جي تعليم سان گڏوگڏ سُنتن تي عمل جو جذبو به مليو ۽ ہفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت به نصيب ٿي۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مدرسةُ المدينه (برائي بالغان) ۾ پڙهڻ جي برڪت سان منهنجي زندگي ۾ مدني بہار اچي وئي، فيشن پرستي ۽ موج مستي کان نجات حاصل ٿي وئي ۽ آئون دعوتِ اسلامي جي مہڪندڙ مہڪندڙ مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويس۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مَدَني قافله ذمه دار جي حيثيت سان مَدَني ڪمن جي ڌومون مچائڻ جي سعادت حاصل آهي۔

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(مِشْکاۃُ الْمَصابِیح ،ج۱ ص۵۵ حدیث ۱۷۵ دارالکتب العلمیۃ بیروت ) 

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا