Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڪثر ڪري اسان کي سفر جي ضرورت پيش ايندي آهي. تنهن ڪري اسان ڪوشش ڪري سفر جون به ڪجهه نه ڪجهه سنّتون ۽ آداب سکي وٺون ته جيئن انهن تي عمل ڪري اسان پنهنجي سفر کي به ثواب حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻائي سگهون.

(1) ٿي سگهي ته خميس واري ڏينهن کان سفر جي شروعات ڪئي وڃي ڇوته خميس تي سفر جي شروعات ڪرڻ سنّت آهي. (اشعۃاللمعات،ج۵،ص۱۶۱) 

(2) جيڪڏهن سهولت هجي ته رات جو سفر ڪيو وڃي ڇوته رات جو سفر جلدي طئي ٿيندو آهي.

(3) جيڪڏهن ڪجهه اسلامي ڀائر گڏجي قافلي جي صورت ۾ سفر ڪن ته ڪنهن هڪ کي امير بڻائي وٺو.

(4) هلڻ وقت عزيزن، دوستن کان غلطيون معاف ڪرايو ۽ جن کان معافي گهري وڃي انهن تي به لازم آهي دل سان معاف ڪري ڇڏين.

 (بہارِ شریعت،حصہ ۶،ص۱۹)

(5) سفر جو لباس پائي جيڪڏهن مڪروهه وقت نه هجي ته گهر ۾ چار رڪعتون نفل،”الحمد ۽ قل“ سان پڙهي ٻاهر نڪرو، اهي رڪعتون واپسيءَ تائين گهروارن ۽ مال جي نگهباني ڪنديون.

(6) اسان جڏهن به سفر تي روانا ٿيون ته اسانکي گهرجي ته اسان پنهنجي گهروارن ۽ مال کي الله عَزَّوَجَلَّ جي حوالي ڪري وڃون، الله تبارڪ وتعاليٰ ئي سڀ کان بهتر حفاظت ڪرڻ وارو آهي. بلڪه ٿي سگهي ته پنهنجي گهروارن لاءِ هي جملا چئي سفر تي روانا ٿيون. اَسْتَوْدِعُکَ اللہَ الَّذِیْ لَایُضِیْعُ وَدَائِعَہٗ۔ ترجمو: مان توهانکي الله عَزَّوَجَلَّ جي حوالي ڪيان ٿو جيڪو حوالي ڪيل امانتن کي ضايع ناهي ڪندو. (سنن ابن ماجه، کتاب الجهاد، باب تشبيع الغزوة وداداعهم الحديث 2825ج 3،ص 372)

 (7) واپار لاءِ سفر ڪرڻ وارن اسلامي ڀائرن کي گهرجي ته هي پنج سورتون پڙهندا ڪن. (1) قُلْ یٰۤاَیُّهَا الْكٰفِرُوْنَۙ(۱)آخر تائين. (2) اِذَا جَآءَ نَصْرُ اللّٰهِ وَ