Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
الْفَتْحُۙ(۱)آخر تائين،(3) قُلْ هُوَ اللّٰهُ اَحَدٌۚ(۱)آخر تائين. (4) قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَقِۙ(۱)آخر تائين. (5) قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاسِۙ(۱)آخر تائين.
(8) جڏهن سيڙهين تي چڙهو يا اونچي جڳھ جي طرف هلو، يا اسان جي بس وغيره ڪنهن اهڙي روڊ وٽان گذري جيڪا اونچائي جي طرف وڃي
ته ”اَللہُ اَکْبَرُ“ چوڻ سُنت آهي ۽ جڏهن سيڙهين تان لهون ته ”سُبْحَانَ اللہِ“عَزَّوَجَلَّ چوڻ سُنت آهي. مسافر کي گهرجي ته اهو دعا کان غفلت نه ڪري جو اهو جيستائين سفر ۾ آهي ان جي دُعا قبول ٿيندي آهي بلڪه جيستائين گھر نه پهچي وڃي ان وقت تائين دعا مقبول آهي.
(9) منزل تي لهڻ وقت وقتًا فوقتًا اها دُعا پڙهو اِنْ شَآءَ اللّٰہ عَزَّوَجَلَّ هر نقصان کان بچنداسين. دُعا هي آهي: اَعُوْذُ بِکَلِمَاتِ اللّٰہِ التَّآمَّاتِ مِنْ شَرِّمَا خَلَقَ۔ترجمو: الله عَزَّوَجَلَّ جي ڪَلِماتِ تامه جي پناھ گھُران ٿو ان جي شر کان جنهن کي اُن پيدا ڪيو.
(کنز العمال ،کتاب السفر ،الفصل الثانی فی آداب السفر،الحدیث ۱۷۵۰۸،ج۶،ص۳۰۱)
(10) سفر جي واپسي تي گھروارن جي لاءِ ڪو تحفو وٺي اچو جو هي سُنت مبارڪه آهي. سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جڏهن سفر کان ڪو واپس اچي ته گھروارن جي لاءِ ڪجھ نه ڪجھ تحفو آڻي، چاهي جھولي ۾ پٿر ئي وجھي اچي.
(کنز العمال ،کتاب السفر ،الفصل الثانی فی آداب السفر ،الحدیث ۱۷۵۰۲،ج۶ ،ص۳۰۱)
هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.
آؤ مدنی قافلے میں ہم کریں مل کر سفر