Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
اسلاميدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي نعتيه دِيوان ”وسائلِ بخشش“ ۾ لکن ٿا:
اَقصیٰ میں سُواری جب پہنچی جِبْریل نے بڑھ کے کہی تکبیر نبیوں کی اِمامت اب بڑھ کر سُلطان ِ جہاں فرماتے ہیں
وہ کیسا حَسیں منظر ہوگا جب دولہا بنا سَروَر ہوگا عُشّاق تصوُّر کر کر کے بس روتے ہی رہ جاتے ہیں
اللّٰه جي عنايت مرحبا معراج جي عظمت مرحبا اَقصيٰ جي شوڪت مرحبا
بُراق جي قسمت مرحبا بُراق جي سُرعَت مرحبا نبين جي اِمامت مرحبا
آقا جي رِفعت مرحبا آسمان جي سِياحت مرحبا مڪينِ لامڪان جي عظمت مرحبا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ڇا خُوب نماز آهي جو تمام اَنبياء و رُسُل عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام مقتدي، اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِمام ۽ پهريون قبلو نماز جي جاءِ آهي، يقيناً ڪائنات ۾ اهڙي نماز پهريان ڪڏهن نه ٿي، آسمان اهڙو نَظّارو ڪڏهن نه ڏٺو۔ بهر حال اڄ شَبِ اَسرٰي جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَوّل ۽ آخر هئڻ جو راز(Secret) به کلي ويو، هن راز تان به پَردو کڄي ويو ۽ معنٰي روزِ روشن جيان واضح ٿي وئي، ڇوته اڄ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي سڀني کان آخري رسول آهن، اڳين نبين ۽ رسولن جي اِمامَت فرمائي رهيا آهن۔ انهيءَ راز کي بَيان ڪندي اَعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسُنَّت، مولانا شاھ اِمام احمد رضا خان عَلَيه رَحْمَة ُالرَّحْمٰن فرمائن ٿا:
نمازِ اَقْصٰی میں تھا یہی سِرّ،عِیاں ہوں مَعنیِ اوّل آخِر کہ دَست بستہ ہیں پیچھے حاضِر،جوسلطنت آگے کرگئے تھے([1])