Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
مختصر وضاحت: (شبِ معراج) نُور واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روشن چهري جو صَدَقو لاهي نُور جي خَيرات تقسيم ڪئي په وئي، چنڊ سج ايتري قدر روشن هئڻ جي باوُجود تڙپندي پيشاني مُصطَفٰي جي خيرات گھري رهيا هئا۔ معراج جي رات رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غُسل شريف جو مبارَڪ پاڻي تارن پنهنجي دامن ۾ محفوظ ڪري ورتو هو، اڄ انهيءَ پاڻي جو حُسن ۽ جمال روشني جي صورت ۾ تارن مان ظاهر ٿي رهيو آهي۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن جي ترين جي بچيل پاڻي سان جنّت کي رَنگ ۽ روغن ڪيو ويو، جنهن کي شَبِ اَسراء جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسمِ اَقدَس مان بَرَڪتون وٺڻ واري لباسِ مبارَڪ مان فَيض مِليو اهي گل نوراني باغ بڻجي ويا ها۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معراج جي رات نبي پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مختلف سُوارين تي سفر فرمايو ۽ لا مڪان تائين وڃي پهتا، جيئن ته نُور وارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خود اِرشاد فرمائن ٿا: (معراج جي رات) مون وٽ بُرَاق آندو ويو، جيڪو گڏھ کان وڏو ۽ خچر کان ننڍو، انتهائي سفيد رنگ جو ڊگھي قد وارو جانور هو،جنهن کي براق چيو ويندو آهي ان جو قدم نظر جي انتهاء تي پوندو هو، مون کي ان (بُراق) تي سُواري ڪيو ويو۔ (مسلم،ڪتاب الايمان،باب الاسراء، حديث:۴۱۱، ص۸۷)
حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان
ڪيل حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: جيئن ته ان
جي رفتار (Speed) بجلي وانگر تيز
آهي ۽ اهو چمڪ دار سفيد رنگ جو آهي، ان ڪري ان کي بُراق چيو وڃي ٿو، ان تي حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى
عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج ۾ به سُوار ٿيا ۽ قِيامت ۾
به سُوار ٿيندا۔ خيال رهي ته هر نبي جو جنّت ۾ هڪ بُراق هوندو سُواري جي لاءِ، پر
حُضور صَلَّى اللهُ
تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو بُراق سڀني کان اعليٰ
هوندو، هي اهو ئي بُراق آهي۔