Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان جا وصف

محدثِ اعظم پاڪستان حضرت مولانا محمد سرداراحمد چشتي قادري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جو ننڍپڻ عام ٻارن کان مختلف هو، پاڻ ننڍپڻ کان ئي دِيني ڳالهين ۾ دلچسپي (Interest) رکندا هئا۔ پاڻ جڏهن هلڻ ڦرڻ لائق ٿيا ته والدِ ماجد سان گڏ مسجد ۾ نماز پڙھڻ ويندا هئا۔ ذِڪر و اذڪار ۽ نعت خواني جو اهڙو ذوق هو جو عام طور هلندي ڦرندي نعتون پڙھندا ۽ ذِڪرُاللہ  ڪندا هئا۔ ٻڌڻ وارا حيران ٿيندا هئا ته هن عُمر ۾ اهڙو ذوق و شوق۔  (حياتِ محدثِ اعظم، ص٣٠)

عبادت میں،رِیاضت میں،تلاوت میں لگا دے دل               رَجَب کا واسِطہ دیتا ہوں فرما دے کرم مولیٰ

محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي حياتِ مبارڪه جي روشن پهلوئن کان وڌيڪ برڪتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو شايع ڪيل رسالو فيضان محدثِ اعظم پاڪستان جو مطالعو فرمايو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مهيني جي  2 تاريخ تي ڪروڙين حنفين جي عظيم پيشوا حضرتِ سيدُنا امامِ اعظم ابو حنيفه نعمان بن ثابِت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو عرس شريف ملهايو ويندو آهي۔ اچو! هن مناسبت سان سندن مختصر سِيرتِ مُبارَڪه ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا۔

سيرتِ امامِ اعظم

حضرت سَيدُنا امامِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽ ڪاروبار ۾ ديانتداري ۽ مسلمانن جي خير خواهي جو خُوب خيال رکندا هئا،

 سندن مبارڪ نالو نعمان هو، پاڻ 70 هجري ۾ عراق جي شهر ڪوفي ۾ پيدا ٿيا، 80 سالن جي عمر ۾ 2 شعبانُ المعظم 150 هجري ۾ وفات ٿي، امامِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ چئني امامن ۾ وڏي رتبي وارا آهن، ڇاڪاڻ ته پاڻ تابعي آهن۔ ”تابِعي“ ان (خوش نصيب انسان) کي چوندا آهن: ”جنهن ايمان جي حالت ۾ ڪنهن صحابي سان ملاقات ڪئي هجي ۽ ايمان ئي تي ان جو خاتمو ٿيو هجي۔“ (منتخب حديثيں،ص۲۵ملخصاً)

سيدُنا امامِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه مختلف رِوايتن مطابق ڪجھ صَحابه ڪرام