Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ 1439 سنِ ہجري جي رجب المرجب جي 27 ستاويهين رات يعني شبِ معراج آهي، اللہ تبارڪ و تعالٰي جا لک لک شڪر جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي عظيم الشان فضيلتن ۽ برڪتن واري مقدس رات نصيب فرمائي،
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ! اڄوڪي رات اها عظيم ۽ جڳ مڳ جڳ مڳ ڪندڙ رات آهي جو جنهن ۾ اسان جي آقا، حبيبِ ڪبريا، معراج واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هڪ عظيم مُعجِزو عطا ٿيو۔ اڄوڪي رات تمام ملائڪن جي سردار حضرتِ سيدُنا جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عظمت ڀري بارگاھ ۾ تمام تيز رفتار سُواري بُراق وٺي حاضر ٿيو، ملائڪن پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي گھوٽ بڻائي وڏي احترام سان بُراق تي سُوار ڪيو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مختصر وقت۾مڪه مڪرمه کان بيتُ المقدس پهتا، تمام نبين پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اِستقبال ڪيو، رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام نبين جي اِمامت فرمائي، اڄوڪي رات پاڻ