Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

شعر جي وضاحت: جڏهن ماھ عرب، محبوبِ ربّ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جنّت ۾ آمدِ باسعادت ٿي ته روشني ئي روشني ڦهلجي وئي، عَرب جي چنڊ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رُخِ روشن مان ڦُٽڻ واري روشني سان جنّت جا گل به خوب، خوب ٽرڻ لڳا۔

اللّٰه جي عنايت              مرحبا       معراج جي عظمت            مرحبا       اَقصيٰ جي شوڪت                   مرحبا

بُراق جي قسمت            مرحبا       بُراق جي سُرعَت              مرحبا       نبين جي اِمامت                      مرحبا

آقا جي رِفعت              مرحبا       آسمان جي سِياحت        مرحبا       مڪينِ لامڪان جي عظمت         مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اسڪول ۾ مدني درس ڏيڻ جي برڪت

مدينةُ الاولياء(ملتان شريف) جي رهائشي اسلامي ڀاء مدني ماحول سان وابستگي کان پهريان پنهنجي زندگي جون قيمتي گھڙيون فضوليات ۾ برباد ڪري رهيو هو جنهن جو ان کي ٿورو به احساس نه هو، دِيني معلومات کان ناواقف، ڪرڪٽ جو شيدائي، ڳائڻ وڄائڻ، ۽ فلمن، ڊرامن جو جنون جي حد تائين شوقين هو۔ نامحرم عورتن سان ميل جول ان جي ويجھو شرم جي ڳالھ نه هئي، ان جي زندگي ۾ تبديلي ڪجھ هن طرح آئي جو خوش قسمتي سان ان کي اسڪول ۾ ڪجھ اهڙن دوستن جي صحبت ملي جيڪي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هئا، سبز سبز عمامي شريف جو تاج سجائي سفيدلباس ۾ ملبوس اهي اسلامي ڀائر ان کي نهايت ڀلا لڳندا هئا، پنهنجي ڪلاس ۾ درس ڏيڻ ۽ درس کان بعد انتهائي محبت سان ملاقات ڪري انفرادي ڪوشش جي ذريعي نيڪي جي دعوت ڏيڻ انهن جو روز جو معمول هو، هو اسلامي ڀائرن جي اخلاق ۽ ڪردار سان بيحد متاثر ٿي چڪو هو، ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ کان بعد ان کي به درس ڏيڻ جو شوق ٿيو ۽ انهن به درس ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو۔ آهسته آهسته شيخِ طريقت، اميرِاهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا رسالا پڙھڻ جو معمول بڻجي ويو جنهن جي برڪت سان دل جي