Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
رجب ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات آهي جيڪو ان ڏينهن روزو رکي ۽ رات جو قيام (عبادت) ڪري ته ڄڻ ان سؤ سال جا روزا رکيا ۽ سؤ سال جي شب بيداري ڪئي، ۽ اها رجب جي 27 تاريخ آهي. (شُعَبُ الْاِيمَان ج۳ص۳۷۴حديث ۳۸۱۱ (
حضرت سيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا : 27 رجب جو جيڪو به روزو رکي، اللہ ڪريم اُن جي لاءِ 60 مهينن جي روزن جو ثواب لکي۔
(فَضائِلُ شَهرِ رَجَب ، لِلخَلّال،ص۱۰)(کفن کی واپسي،ص8)
عنقريب شعبانُ المعظم جو مهينو اچڻ وارو آهي، هن مبارڪ مهيني جي روزن جي به گھڻي فضيلت آهي، سرڪارِ مدينه، سلطانِ باقرينه ، قرارِ قلب وسينه، فيض گنجينهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عظمت نشان آهي: ”(رَمَضان کان پوءِ) سڀ کان افضل شَعبان جا روزا آهن، تعظيمِ رمَضان جي لاءِ ۔“(شُعَبُ الايمان، ج3،ص377،حديث3819)
اُمّ المُومِنِين حضرتِ سَيدَتُنا عائِشه صِدّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها کان رِوايت آهي،”حُضورِ انور ،شافِعِ مَحشر، مديني جي تاجور، محبوبِ داوَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پوري شَعبان جا روزا رکندا هئا، فرمائن ٿيون ته مون عرض ڪيو: يارسول اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ”ڇا سڀني مهينن ۾ توهان وٽ وڌيڪ پسنديده شَعبان المعظم جا روزا رکڻ آهي؟ ته شفيعِ روزِ شُمار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: ها، اللہ عَزَّوَجَلَّ هن سال مرڻ واري هر جان کي لکي ڇڏيندو آهي ۽ مون کي هي پسند آهي ته منهنجو آخري وقت اچي ۽ مان روزيدار هجان.“(مُسندِابويعلٰي ،ج۴،ص277،حديث4890)
اللہ پاڪ اسان کي معراج جي گھوٽ، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صَدقي سڀاڻي جو نفل روزو رکڻ، شعبان ۽ پوءِ رمضان جا سمورا روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي، ڪاش! اسان سڄي رمضان جو يا آخري عشري جو اعتڪاف ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون، ڪاش! چڱين چڱين نيتن سان خوب خوب مدني عطيات گڏ ڪرڻ جي توفيق ملي وڃي۔