Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
دنيا بدلجي وئي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ نگاهون جھُڪائي هوريان آواز سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻجي وئي ۽ هو به مٿي تي سبز سبزعمامو شريف سجائي سنّتن کي خوب خوب عام ڪرڻ لڳو۔
مقبول جہاں بھر میں ہو ”دعوتِ اسلامی“ صَدقہ تجھے اے ربِّ غفّار! مدینے کا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سفرِ معراج جو هڪ پهلو (Aspect) اهو به آهي ته اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن رات سڀني انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام جي امامت فرمائي جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي: مان ان (بُراق) تي سُواري ڪندي بَيتُ المَقدِس تائين پهتس ۽ جنهن هنڌ اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام پنهنجي سُوارين کي ٻڌندا هئا مون ان کي اتي ٻڌي ڇڏيو پوءِ مان مسجدِ (اَقصٰي) ۾ داخِل ٿيس ۽ ان ۾ ٻه رڪعت نماز ادا ڪئي۔ (مسلم ،کتاب الایمان ، باب الاسراء برسول اللہ …الخ ،ص۹۷،حدیث۲۵۹)
مشهور ولي ولي ڪامِل حضرت عَلّامه مَولانا مَخدوم محمد هاشِم ٺٺوي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: هن نماز ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَتمام اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام جا اِمام هئا۔ (سیرۃ سید الانبیاء،ص۱۲۸) (ڇوته) پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عظيم شان جي اِظهار جي لاءِ بَيتُ المَقدِس ۾ تمام اَنبياءِ ڪرَام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام کي گڏ ڪيو ويو هو۔ (سنن النسائى، كتاب الصلاة، باب فرض الصلاة...الخ، ص۸۱، حديث:۴۴۸) جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اتي تشريف کڻي آيا ته انهن سڀني خوش آمديد چيو ۽ نماز جي وقت سڀني پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي امامت جي لاءِ اڳيان ڪيو، ۽ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تمام انبياءِ ڪرام عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي اِمَامت فرمائي. (معجم اوسط ،من اسمه على،۳/۶۵،حديث:۳۸۷۹ملخصاً)
نمازِ اَقصٰي ۾ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اِمامت فرمائڻ جي هن ايمان افروز گھڙي جي منظر ڪشي ڪندي اميرِ اهلسنّت،باني دعوتِ