Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

 

اللّٰه جي عنايت              مرحبا       معراج جي عظمت            مرحبا       اَقصيٰ جي شوڪت                   مرحبا

بُراق جي قسمت            مرحبا       بُراق جي سُرعَت              مرحبا       نبين جي اِمامت                      مرحبا

آقا جي رِفعت              مرحبا       آسمان جي سِياحت        مرحبا       مڪينِ لامڪان جي عظمت مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معراج جي واقعي جي تصديق ۾ اِيمان جو اِمتِحان آهي جو مُختَصَر گھڙي ۾ بيداري جي عالَم ۾ جسم شريف سان آسمان ۽ عَرشِ اَعظم تائين بلڪ عَرش کان به مٿي لامڪان تائين تشريف کڻي وڃڻ عَقل کان مٿي آهي، انهيءَ ڪري اهي ماڻهو جن جون دليون نُورِ اِيمان کان خالي هيون انهن هن عظيم واقعي کي نه صرف نه مڃيو بلڪ طرح طرح سان هن جو مَذاق به اُڏايو، پر جن جي دلين ۾ ڪامل يقين جو چراغ روشن هو اهي ڪنهن به پريشاني ۽ شڪ جو شڪار نه ٿيا ۽ بنا ڪنهن دليل جي هن مُعجِزي کي تسليم ڪري ورتو، جيئن ته اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا صِدِّيقِ اڪبر رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي باري ۾ اچي ٿو،

مِعراج جي تصديق ڪرڻ وارو صحابي

اُمُّ المُؤمنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها کان روايت آهي، فرمائن ٿيون: جڏهن حُضُور نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مسجدِ حرام کان مسجدِ اَقصيٰ جي سير ڪرائي وئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻي صُبح جو ماڻهن اڳيان هن مڪمل واقعي کي بيان ڪيو، (ڪجهه) ڪافر ڊوڙندا حضرت سَيِّدُنا

 ابوبڪر صدّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽ پهتا ۽ چوڻ لڳا: ڇا توهان هن ڳالھ جي تصديق ڪري سگهو ٿا؟ جيڪا توهان جي دوست چئي آهي ته انهن راتون رات مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصٰي جو سير ڪيو؟“ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: ڇا حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن واقَعي هي بيان فرمايو آهي؟ انهن چيو جي ها. “پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: لَئِنْ قَالَ ذٰلِكَ لَـقَدْ صَدَقَ يعني جيڪڏهن سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اهو ارشاد فرمايو آهي ته يقينًا سچ فرمايو آهي، مان هن ڳالھ