Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
هن مُبارَڪ مهيني جي برڪتن جي ڇا ڳالھ ڪجي! هن مهيني ۾ عبادت و تلاوت ۽ ذِڪر ودُرُود جي ڪثرت ڪري پنهنجي اعمال نامي ۾ گھڻيون نيڪيون لکائڻ جا موقعا وڌي ويندا آهن۔ اسان کي به گھرجي ته گُناهن کان پاڻ کي بچائڻ ۽ ڏينهن رات نيڪين ۾ گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي تحت سڄي رمضان جي مهيني جي اِعتڪاف ۾ شرڪت جي نه صرف پاڻ نِيت ڪيون بلڪ ٻين اسلامي ڀائرن تي به اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به تيار ڪيون۔ فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: مَنِِ اعْتَکفَ اِيمانًا وَّاِحْتِسَابًا غُفِرَلَه مَاتَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهٖ يعني جنهن شخص ايمان سان ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتِڪاف ڪيو، ان جا اڳوڻا سمورا گُناھ بخشيا ويندا۔'' (جامع صغير ص۵۱۶الحديث۸۴۸۰)
یا خدا ماہِ رمضاں کے صدقے سچّی توبہ کی توفیق دیدے
نیک بن جاؤں جی چاہتا ہے یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿي سگھي ته هر سال نه ته زِندگي ۾ گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرو ته سڄي رَمَضانُ المبارَڪ جو اِعتڪاف ڪرڻ ئي گھرجي۔اسان جا پيارا آقا، مٺا مٺا مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خصُوصاً رَمَضان شريف ۾ عبادت جو خُوب اهتِمام ڪندا هئا۔ جيئن ته رَمَضان جي مهيني ۾ ئي شبِ قدر کي به پوشيده رکيو ويو آهي، ان ڪري ان مُبارَڪ رات کي تلاش ڪرڻ جي لاءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڀيرو سڄي مبارَڪ مهيني جو اعتِڪاف ڪيو۔ ۽ هونءَ به مسجِد ۾ رهڻ نهايت وڏي سَعادَت آهي ۽ مُعتَڪف جي ته ڇا ڳالھ آهي جو رِضاءِ الهٰي عَزَّوَجَلَّ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي سڀني مصروفيتن کان فارِغ ڪري مسجِد ۾ ويهي رهندو آهي۔ فتاويٰ عالمگيري ۾ آهي؛ ''اعتِڪاف جون خوبيون بلڪل ئي ظاهر آهن، ڇوته هن ۾ ٻانهو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رِضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪمَّل طور تي پنهنجي پاڻ کي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ۾ مصروف