Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
بَالَکُمْ“ (يعني اللہ عَزَّوَجَلَّ توهان کي هدايت ڏي ۽ توهان جو حال صحيح ڪري) (فتاويٰ هنديۃ،۵ /۳۲۶) ٭ جيڪو نڇ اچڻ تي اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ
کُلِّ حَال چوي ۽ پنهنجي زبان سڀني ڏندن تي ڦيري ڇڏي ته انشآءالله عَزَّوَجَلَّ ڏندن جي بيمارين کان محفوظ رهندو۔ (مراٰة المناجيح ج 6 ص 396) ٭حضرت مولاءِ ڪائنات، علي المرتضيٰ کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰی وَجۡھَهُ الۡکَرِیۡم فرمائن ٿا: جيڪو نڇ اچڻ تي
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ته اُهو ڏاٺ ۽ ڪن جي بيماري ۾ ڪڏهن به مبتلا نه ٿيندو. (مرقاۃ المفاتيح، ۸/ ۴۹۹،تحت الحديث:۴۷۳۹) ٭ نڇ ڏيڻ واري کي گهرجي ته ڏاڍيان حمد ڪري ته جيئن ڪو ٻڌي ۽
جواب ڏي۔
(ردالمحتار،۹ /۶۸۴) ٭ نڇ جو جواب هڪ دفعو واجب آهي،
ٻيو ڀيرو نڇ اچي ۽ اُهو اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ چوي ته ٻيهر جواب واجب ناهي بلڪ مستحب آهي۔ (عالمگيري ج 5
ص 326) ٭ جواب
اُن صورت ۾ واجب ٿيندو
جڏهن نڇ ڏيڻ وارو اَلۡحَمۡدُلِلّٰه چوي ۽ جيڪڏهن حمد نه ڪري ته جواب ناهي۔ (بهار شريعت، جلد 3 ص 477) ٭ ڪيئي اسلامي ڀائر موجود هجن ته ڪجھ حاضرين جواب ڏنو ته سڀني جي پاران جواب ٿي ويو پر بهتر اهو آهي ته سڀئي جواب ڏين۔ (رد المحتار،۹/ ۶۸۴)
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد