Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

ڪرڻ وارا هوندا جيڪو مقصدن جي پورائي ۽ مرادن جو حاصل ٿيڻ آهي ﴿۲۵ خداعَزَّوَجَلَّ چاهيو ته ان مبارڪ گروه (ٽولي) مان ٿيندا جيڪو حضور پرنور سيد عالم، سرور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نعل اقدس جي صدقي سڀ کان پهرين جنت ۾ داخل ٿيندا۔ ( فتاويٰ رضويه،۲۳/۱۵۲)

لنگرِ رضويه ۾ حصو وٺو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ هر سال هزارين عاشقانِ رسول سڄي رمضان ۽ آخري عشري جي اِعتڪاف جي سعادت حاصل ڪندا آهن، ان عاشقانِ رسول جي لاءِ "لنگرِ رضويه" (سحري ۽ افطاري) جو نهايت وڏو اِنتظام ڪيو ويندو آهي ته جيئن اهي عاشقانِ رسول دِلجمعي سان علمِ دين جي مدني حلقن ۽ مدني مذاڪرن ۾ ڀرپور توجه سان شرڪت ڪري سگھن۔ لنگرِ رَضَويه جي مد ۾ ڪروڙين روپين جا اخراجات ٿيندا آهن هن نيڪ ڪم ۾ مخير اسلامي ڀائر هن نيڪي

جي عظيم ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندا آهن، هن سال به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ملڪ وبيرونِ ملڪ سوين هنڌن تي سڄي مهيني ۽ آخري عشري جو اعتڪاف ٿيندو، جنهن ۾ هزارين عاشقانِ رمضان، رمضان جي مبارڪ ساعتن جون برڪتون حاصل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا۔ تمام عاشقانِ رسول رضاءِ اِلٰهي ۽ ٻين سٺين سٺين نيتن سان "لنگرِ رضويه" جي مد ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ ستاويهين رات آهي سڀاڻي ستاويهين جو ڏينهن هوندو، ان ڏينهن يعني 27 رجب جي روزي جي تمام گھڻي فضليت آهي،جيئن ته

سوسال جي روزن جو ثواب

رحمت عالم، رسولِ محتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ ذِيشان آهي: