Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

عَلَيهمُ الرِّضْوَان سان ملاقات جو شَرَف حاصل ڪيو آهي ۽ ڪجهه صَحابه عَلَيهمُ الرِّضْوَان کان براه راست سرورِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ارشاد به ٻڌا آهن۔  (اشکوں کی برسات،ص۲،۳ )

سَيدُناامامِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جا وصف

حضرت سَيدُنا امامِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ رمضانُ المُبارَڪ ۽ عيدُ الفطر ۾ 62 قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا (هڪ ڏينهن جو، هڪ رات جو، هڪ تراويح جي سڄي مهيني ۾ ۽ هڪ عيد جي ڏينهن) پاڻ سخاوت ڪندڙ، عِلم سِکائڻ وارا، اللہ  عَزَّوَجَلَّ جو خوف رکڻ وارا، حقوقُ العباد جو خيال رکڻ وارا، عفو ودرگذر سان ڪم وٺڻ وارا، ۽ فضول ڳالهين کان بچڻ وارا ۽ تقويٰ ۽ پرهيز گاري جهڙي خوبين جا مالڪ هئا۔ (اشکوں کی برسات،ص ۸ملخصاً)

جوبے مثال آپکا ہے تقویٰ،  توبے مثال ہے آپکا فتویٰ          ہیں عِلْم و تقویٰ  کے آپ سنگم ،امام ِاعظم ابو حنیفہ

 حضرت سَيدُنا امامِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سيرت ۽ ڪردار جي باري ۾ وڌيڪ معلومات جي لاءِ امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو رسالو لڙڪن جي برساتمڪتبة المدينه تان حاصل ڪري نه صرف پاڻ مطالعو ڪريو ۽ شَعبَانُ المُعَظّم ۾ امامِ اعظمرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي ايصالِ ثواب جي لاءِ ٻين اسلامي ڀائرن کي به تحفي ۾ پيش ڪريو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته

٭   شبِ معراج، معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام آسمانن جي سير فرمائي۔

٭   شبِ معراج، معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام جي اِمامت ڪئي۔

٭   شبِ معراج، معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نبين سڳورن عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلامسان ملاقاتون ڪيون۔

٭       شبِ معراج، معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ربِّ ڪريم جي وڏين