Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام آسمانن جي سير فرمائي ۽ اتي جا عجائبات ڏٺا، اڄوڪي رات پاڻ سڳورنصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر آسمان تي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام سان ملاقات فرمائي، اڄوڪي رات رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سِدرَة المُنتَهٰي تي به ويا، ان جاءِ تي پهچي جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام اڳتي هلڻ کان معذرت ڪئي، اڄوڪي رات پاڻ سڳوراصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان مقام تي به پهتا جتي عقل۽ سمجهه جي به رسائي ناهي، اڄوڪي رات پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خصوصي اِنعام عطا ٿيا، اڄوڪي رات پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شروع ۾ 50 نمازن جو تحفو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ مان عطا ٿيو، جيڪو تخفيف کان پوءِ پنج نمازن جي صورت ۾ اسان تي فرض ڪيو ويو، اڄوڪي رات پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنّت ۽ دوزخ کي ملاحظه فرمايو، اڄوڪي رات پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اللہ عَزَّوَجَلَّ جو خاص قُرب حاصل ڪيو، اڄوڪي رات پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مٿي جي اکين سان ربِ ڪريم عَزَّوَجَلَّ جو دِيدار ڪيو۔
مطلب ته معراج واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيِ معراج واري سفر کي بيان ڪرڻ جو حق ڪير ادا ڪري سگھي ٿو؟ بهرحال وڏي تَوَجُّھ ۽ دِلجمعي سان ٻڌو، رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مَحَبَّت دِل ۾ وڌيڪ اُجاگر ٿيندي۔اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ
”تفسيرِ صِراطُ الجنان“ جلد 5 صَفحي 414 ۽ 415 تي آهي: معراج جي رات حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي معراج جي خوشخبري ٻُڌائي ۽ سندن مُقَدَّس سينو کولي ان کي آبِ زَمْ زَم سان ڌوتائون، پوءِ ان سيني کي حڪمت ۽ اِيمان سان ڀري ڇڏيو۔ ان کان پوءِ تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ بُراق (نالي سُواري) پيش ڪئي وئي ۽ انتهائي اِڪرام و اِحترام سان ان تي سُوار ڪري مسجد ِاقصيٰ ڏانهن وٺي ويا۔ بَيتُ المَقدِس ۾ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سمورن نبين ۽