Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

مختصروضاحت: شبِ معراج مسجدِ اقصيٰ ۾ حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام انبياءِ ڪرام و رسل عظام عليهم السلام کي نماز پڙھائي، ان ۾ اهوئي راز هو ته پهرين ۽ آخري جو فرق واضح ٿي وڃي جيڪي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اڳ ۾ پنهنجي نبوتن جو اظهار ڪري ويا هئا اهي سڀ جا سڀ هٿ ٻڌي رسول پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پٺيان بيٺل هئا ۽ امامت جو تاج شبِ معراج، شبِ اسريٰ واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عطا ٿيو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

”مجلس تقسيمِ رسائل“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شبِ معراج جي مزيد بَرَڪتن کي ماڻڻ جي لاءِ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي خدمتِ دِين جي ڪمن ۾ مشغول ٿيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ ڪم و پيش 104شعبن ۾ دينِ مَتِين جي خدمت ۾ مصروف آهي، انهن شعبن مان هڪ ”مجلسِ تقسيمِ رسائل“ به آهي۔ هن مجلس جو ڪم گهر گهر، آفيس آفيس، دڪان دڪان، اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز، جامعات ۽ مدارسِ اهلسنت ۾ سڄو سال شيخِ طريقت، امير اهلسنت ۽ مڪتبة المدينہ جي ٻين ڪتابن ۽ رسالن وغيره جي ذاتي طور تي حسبِ استطاعت ۽ مخيّر اسلامي ڀائرن سان رابطو ڪري لنگر رسائل جي ترڪيب ڪرڻ آهي.

 مجلس لنگر رسائل جا اسلامي ڀائر بالخصوص دعوت اسلامي وارن کي ۽ بالعموم هر عاشقِ رسول جو هي ذهن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اهي هن حديث پاڪ: ”تَهَادَوۡا تَحَابُّوۡا“ (يعني هڪ ٻئي کي تحفو ڏيو پاڻ ۾ محبت وڌندي) (مؤطاامام مالڪ،۲/۴۰۷،حديث:۱۷۳۱) تي عمل ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي نِيت سان هر مهيني مڪتبةُ المدينه تان جاري ڪيل گهٽ ۾ گهٽ 12 ڪتاب يا