Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
بیٹھتے، اُٹھتے، جاگتے، سوتے ہو الٰہی مِرا شِعار دُرُود
رُوئے انور پہ نور بار سلام زُلفِ اطہر پہ مُشکبار دُرود
اُس مہک پہ شمیم بیز سلام اُس چمک پر فروغ بار دُرود
اُن کے ہر جلوہ پر ہزار سلام اُن کے ہر لمعہ پر ہزار دُرود
سر سے پا تک کروڑ بار سلام اور سراپا پہ بے شُمار دُرود
مختصر وضاحت: يعني اي ربِّ ڪريم! مون تي اهڙو ڪرم ڪر جو مان اُٿندي ويهندي، جاڳندي سمهندي مطلب ته هر وقت دُرُودِ پاڪ پڙھڻ ئي منهنجو معمول بڻجي وڃي۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ چهري تي روشن سلام ۽ سندن پاڪيزه مبارڪ وارن تي خوشبودار دُرُود هجي۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسمِ اَطهر مان نڪرڻ واري خوشبو تي خوشبوئن ڀريو سلام ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چمڪ تي نور وسائڻ وارو دُرُود هجي۔ جانِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هر جلوي تي هزار سلام ۽ سندن هر چمڪ تي هزار ڀيرا دُرُود هجن۔ مٿي کان پيرن تائين پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪروڙين ڀيرا سلام ۽ سندن سڄي جسمِ انور تي بي شمار دُرُود هجن.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .
(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)
ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.
(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.