Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
وڏين نشانين کي مُلاحَظه فرمايو۔
٭ شبِ معراج، معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنّت ۽ ان ۾ موجود نعمتن کي به ڏٺائون۔
٭ شبِ معراج، معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنت ۾ حضرت عُمَر رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي عاليشان جنّتي محل کي به ڏٺائون۔
٭ شبِ معراج، معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ جَنّتي حُورن سلام عَرض ڪيو۔
٭ شبِ معراج، معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بَيتُ المَقدِسکان مڪي تائين تمام منزِلن ۽ قُرَيش جي قافِلن کي به ملاحظه فرمايو۔
٭ شبِ معراج،معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَوّل ۽ آخِر هئڻ جو راز ظاهر ٿيو۔
٭ شبِ معراج، معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ لامڪان جي سير ڪئي۔
٭ شبِ معراج،معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بنا ڪنهن واسِطي جي اللہ ڪريم جي ديدار سان فيضياب ٿيا۔
اللہ ڪريم شبِ معراج جي طفيل اسان جي گناهن کي معاف فرمائي ۽ اسان کي بِلا حساب ۽ ڪتاب جنت ۾ داخل فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! گُناهن کان بچڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿيڻ، هر مهيني ٽن 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر، مدني انعامات تي عمل ۽ دعوتِ اسلامي جي تحت سڄي رمضان يا آخري عشري جي اعتڪاف ۾ شرڪت ڪرڻ به آهي۔ عاشقانِ رمضان جي لاءِ خوشخبري ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رَمَضانُ المُبارَڪ جي آمد آمد آهي ۽