Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
غور ڪريو! موت جي سامهون ٻانهو ڪيتري قدر بيوس ۽ لاچار ٿي ويندو آهي، موت ان جي زبان خاموش ڪندو آهي جيڪڏهن مرڻ وارو ڪنهن کي مدد جي لاءِ پڪارڻ چاهي ته ان کي نٿو سڏي سگھي۔ اسان کي اهو معلوم آهي ته اسان کي مرڻو آهي پر پوءِ به ان جي تياري ڪرڻ بدران پاڻ کي ڪوڙا دلاسا ڏيندا آهيون ته مون پوئين ڏينهن ئي ته چيڪ اپ ڪرايو آهي مون کي ڪا بيماري نه آهي، اڃا ته ڊگھي ڄمار پئي آهي بعد ۾ توبه ڪري نيڪ عمل ڪندس، پوڙهائپ ۾ خوب نمازون پڙھندس، شب بيداري به ڪندس بلڪ سڄو ڏينهن مسجد ۾ ئي رهندس، روزانو تلاوتِ قرآن جو معمول ٺاهيندس ۽ پنهنجي ربّ کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس۔
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ هن ڳالھ جي ڪهڙي گارنٽي آهي ته اسان پوڙهائپ تائين زنده رهنداسين پوڙهائپ ته پري جي ڳالھ آهي اسان کي ته اهو ناهي معلوم ته اڄ جو ڏينهن اسان جي زِندگي جو آخري ڏينهن آهي يا ايندڙ رات اسان جي زِندگي جي آخري رات هوندي، اسان وٽ ته هن جي به ضَمانت نه آهي ته هڪ کان پوءِ ٻيو ساھ کڻي به سگھنداسين يا نه؟ ممڪن آهي ته جيڪو ساھ اسان کڻي رهيا آهيون اهو ئي آخري هجي ٻيو ساھ کڻڻ جي نوبت ئي نه اچي! روزانو اهي خبرون اسان کي ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن ته فُلاڻو شخص ٺيڪ ٺاڪ ويهي ڳالهيون ڪري رهيو هو، بظاهر ڪو مَرض به نه هو پر اوچتو دل جو دورو (Heart Attack) ٿيو يا دماغ جي رَڳ ڦاٽي ۽ ڪجھ ئي گھڙين ۾ موت جي گھاٽ لهي ويو، تنهنڪري بي جا خواهشن ۽ ڊگھين اُميدن بدران اسان کي هر وقت پنهنجي موت کي ياد رکڻ گھرجي، ڇوته ڊگھي عرصي تائين زنده رهڻ جي اُميد موت کان غافل ڪندي آهي ۽ هن آس تي جيئندي اوچتو موت جو وقت اچي ويندو آهي، اهڙن ماڻهن کي خبردار ڪندي حضرت سَيدُنا امام محمد غزاليرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: وڏي ڄمار جي اميد دل ۾ سانڍڻ جهالت ۽ ناداني جي ڪري ٿيندي آهي جهالت ۽ ناداني اها آهي ته انسان پنهنجي جواني تي ڀروسو ڪري ويهي ۽ پوڙهائپ کان پهريان مرڻ جو خيال ئي دل مان