Book Name:Iman Ki Hifazt

عَلَيه السَّلَام روح وٺي وڃي ته به درست آهي پر اي ڪاش! موت جي وقت شيطان ايمان نه کڻي وڃي نه ته اللہ  پاڪ کان جدائي ٿي ويندي، اسان هن کان اللہ  پاڪ جي پناھ گھرون ٿا ڇوته جيڪڏهن سڀ فِراق (جُدائيون) هڪ پاسي گڏ ٿين ۽ ربِّ ڪريم جو فِراق هڪ پاسي هجي ته اهو سڀني فِراقن (جُدائين) کان وڌيڪ ڳرو آهي جنهن کي ڪو برداشت نٿو ڪري سگھي۔ (حڪايتيں اور نصيحتيں،ص۳۷)

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! خُدانخواسته اسان جي بُرن عملن جي ڪري جيڪڏهن مرڻ وقت اللہ  پاڪ ۽ ان جي حبيبصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فضل و ڪرم شاملِ حال نه رهيو، شيطان مردُود غالب اچي ويو ۽ مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ ايمان برباد ٿي ويو ته خدا عَزَّوَجَلَّ جو قسم! ذِلت ۽ رسوائي مقدر ٿي ويندي ۽ مرڻ کان پوءِ هميشه هميشه جي لاءِ جهنم جي ٽهڪندڙ باھ ۾ وڌو ويندو ۽ جهنم جو عذاب ايتري قدر شديد هوندو جو اسان جا نازڪ بدن ان کي برداشت نه ڪري سگھندا، اچو! جهنم جي عذابات جي دردناڪ (Horrible) منظرن کي ٻڌون ٿا،

            خليفَهءِ اعليٰ حضرت، مولانا مفتي محمدامجدعلي اعظميرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  جهنَّم جي منظر ڪشي ۽ ان جي عذابن جو تذڪرو ڪندي لکن ٿا: اهو (جھنم) هڪ مڪان آهي جو اُن قهار ۽ جبار جي جلال ۽ قهر جو مظهر آهي۔ هن ۾ مختلف طبقا، وَادِيون ۽ کوھ آهن، بعض وادِيون اهڙيون آهن جو جهنم به هر ڏينهن ستّر (70) ڀيرا يا وڌيڪ ڀيرا اُنهن کان پناه گھرندو آهي، لوھ جي اهڙن وزني گُرزن (يعني هٿوڙن) سان ملائڪ ماريندا ۽ جيڪڏهن ڪو گُرز (يعني هٿوڙو) زمين تي رکيو وڃي ته تمام جنّ ۽ انسان گڏ ٿي ڪري ان کي نٿا کڻي سگھن۔ بُختي (يعني هڪ قسم جي وڏن) اُٺن جي ڳچي جي برابر وڇون ۽ ايتري قدر وڏا نانگ آهن جو جيڪڏهن هڪ ڀيري ڏنگين ته ان جي سوزش، درد، بي چيني هزار سالن تائين رهي، تيل جي سڙيل تھ جيان سخت ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ جي لاءِ ڏنو ويندو جيڪو وات جي ويجھو ايندي ئي ان جي تيزي سان چهري جي کل ڪري پوندي۔ مٿي تي گرم پاڻي وهايو ويندو۔ جهنمين جي بدن تان جيڪا پونء وهندو اهو پياريو ويندو، هڪ قسم جو خار دار