Book Name:Iman Ki Hifazt

زهريلو وڻ کائڻ جي لاءِ ڏنو ويندو اهو گلي ۾ ويندي ئي ڳٽ بڻجي ويندو، ان کي هيٺ لاهڻ جي لاءِ پاڻي گھرندا، اُنهن کي اهو ٽهڪندڙ پاڻي ڏنو ويندو جيڪو وات جي ويجھو ايندو ته سڄي کل ان ۾ ڪري پوندي ۽ پيٽ ۾ ويندي ئي آنڊن کي ٽڪڙ ٽڪڙ ڪري ڇڏيندو ۽ اهو شوربي وانگر وهي ڪري قدمن واري پاسي کان نڪرندو، اُڃ اهڙي ته سخت هوندي جو پاڻي تي ائين ڪرندا جيئن گھڻا اڃايل اُٺ۔ (بهارِ شريعت،حصه اول،۱/۱۶۳تا۱۶۸ملتقطا و بتغيرقليل)

گَر تِرے پیارے کا جلوہ نہ رہا پیشِ نظر    سختیاں نزع کی کیوں کر میں سہوں گا یا ربّ!

قبر میں گَر نہ محمد کے نظارے ہوں گے    نَزْع کے وقت مجھے جلوۂ محبوب دکھا یاربّ!

حشر تک کیسے میں پھر تنہا رہوں گا یا ربّ!    تیرا کیا جائے گا میں شاد مروں گا یا رَبّ !

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته جنهن بد نصيب جو موت (Death) ايمان جي حالت ۾ نه ٿيو ته ان کي جهنم ۾ هميشه هميشه جي لاءِ طرح طرح جي عذابن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ جيڪو خوش نصيب ايمان جي سلامتي سان هن دنيا مان رُخصت ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته هو جهنم جي هولناڪ عذابن کان بچي سگھي ٿو۔ هاڻي اسان پنهنجي باري ۾ غور ڪريون ته اسان ڏينهن رات اللہ  پاڪ جي ڪيتري عبادت ڪريون ٿا؟ ان جي احڪامن جي ڪيتري قدر ادائيگي ڪريون ٿا؟ ايمان جي حفاظت جي لاءِ اسان ڪهڙي ڪوشش ڪري رهيا آهيون؟ ظاهري ۽ باطني گناهن کان بچڻ جي لاءِ ڪهڙا طريقا اپڻايا آهن؟ ڇا اسان کي پنهنجي ايمان جي حفاظت جي لاءِ شيطان جي حيلن کان بچڻ جي ضرورت ناهي؟ ڇا اسان کي جهنم جا عذاب ٻڌي انهن کان عبرت حاصل ناهي ٿيندي؟ ڇا اسان ۾ جهنم جي باھ ۽ ان جي هولناڪ عذاب کي برداشت ڪرڻ جي سگھ آهي ؟ هرگز هرگز نه، اسان جي ڪمزور جسمن ۾ اهي سخت عذاب سهڻ جي همت ناهي، تنهنڪري گناهن تي نادم ٿي هڪدم توبه ڪرڻ گھرجي ڇوته هر گناھ جهنَّم جو قاصد آهي يعني جهنّم ڏانهن کڻي