Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

(بالِغان) جي بَرَڪت سان هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع ۾ شِرڪت جو معمول بَڻجي ويو ۽ هو اَميرِاَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو مُرِيد ٿي نمازي ۽ مسجد ۾ دَرس ڏيڻ وارو بڻجي ويو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ فلمون ڊراما، گانا باجا، بدنگاهي وغيره گناهن

کي ڇڏي ڏنائين ۽ پنهنجي گھر وارن تي به اِنفِرادي ڪوشِش ڪندي اُنهن کي به نمازي بنائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن۔

بُری صُحبتوں سے کَنارہ کَشی کر                               کے اچھوں کے پاس آکے پا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                        گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ٽيلي ٿون جي ترغيب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ 104 کان وڌيڪ شعبن جي ذريعي دِين و سنّت جو پيغام عام ڪري رهي آهي، انهن شعبن ۾ جامعة المدينه ۽ مدرسة المدينه به شامل آهن، جتي قرآن پاڪ ۽ علمِ دين جي تعليم في سبيل الله ڏني ويندي آهي، سڄي دنيا ۾ 3000 (ٽي هزار) کان وڌيڪ مدارس المدينه ۾ 144000(هڪ لک چوئيتاليھ هزار) کان وڌيڪ مدني مُنّا ۽ مدني مُنّيون قرآني تعليم سان پاڻ کي آراسته ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اڃا تائين 300000 (ٽي لک) کان وڌيڪ مدني مُنّا ۽ مدني مُنّيون حفظ ۽ ناظره جي سعادت حاصل ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 606 جامعات المدينه ۾ 50000 (پنجاھ هزار) کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون دِيني تعليم پرائڻ ۾ مشغول آهن، صرف هنن ٻن شعبن جا اخراجات سالانه ڪروڙين روپيا   آهن۔

اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 2 ڊسمبر 2018ء،23 ربيع الاول 1440ھ بروز آچر ڏينهن 02:00 کان رات 02:00 ٽيلي ٿون جي ترڪيب ٿيندي۔ في يونٽ 10 هزار جو هوندو، ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾ دعوتِ اسلامي جي زيرِ انتظام هلندڙ مدارس المدينه ۽ جامعات المدينه جي سموري خرچ جي لاءِ پنهنجي صدقات سان تعاون ڪريو۔

پياري آقا، ٻنهين جهانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ غيب نشان