Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

ہو رہی ہیں چار جانب بارشیں اَنوار کی                  دَشت و کُہْسار و چمن ہر شے پہ چھایا نور ہے

عِیدِ مِیلادُالنبی ہے دِل بڑا مَسرُور ہے                  ہر  طرف ہے شادمانی رنج و  غم کافور ہے

اس طرف جو نور ہے تو اس طرف بھی نور            ذرّہ ذرّہ سب جہاں کا نُور سے مَعمُور ہے

سرڪار جي آمدمرحبا، سردار جي آمد مرحبا، آمنه جي پياري جي آمد مرحبا، رسولِ مقبول جي آمد مرحبا، پياري جي آمد مرحبا، مٺي جي آمد مرحبا،
سچي جي آمد مرحبا، سهڻي جي آمد مرحبا، دلبر جي آمد مرحبامرحبا،
 مُختار جي آمد مرحبا، پُرنور جي آمد مرحبا، سراپا نور جي آمد مرحبا

مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي       مرحبا يا مصطفي       مرحبا يا مصطفي

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته تمام انسان حضرت آدم عَلَيه السَّلَام جا اولاد آهن ۽ جنابِ آدم عَلَيه السَّلَام کي مٽي مان پيدا ڪيو ويو اهڙي طرح اهي پاڻ ۽ سندن تمام اولاد خاڪي آهي، اسان جا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به هن ڪائنات ۾ بشر بڻجي تشريف فرما ٿيا۔ پر سندن حقيقت نور آهي۔ حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بشر به آهن ۽ نور به يعني نوراني بشر آهن۔ ظاهري جسم شريف بشر آهي ۽ حقيقت نور آهي۔ (رسالَهٔ نُور مع رسائل نعيميه، ص۳۹) پاڻ ڪريم عَلَيه السَّلَام جي بشريت جو انڪار هرگز هرگز نٿو ڪري سگھجي۔ سرڪارِ اعليٰ حضرت، امام اَحمد رَضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: تاجدارِ رسالت، شَهنشاھ نُبُوَّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بَشَرِيت جو مُطَلقاً (بالڪل) انڪار ڪفر آهي۔ (فتاوٰي رضويه ج۱۴ ص ۳۵۸)

قرآنِ پاڪ ۾ به پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نور فرمايو ويو آهي۔ جيئن الله ڪريم سيپاري 6 سورۃ المائده جي آيت نمبر 15 ۾ ارشاد آهي: