Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay
جسمن سان سان گڏ دلين کي به چمڪائيندو آهي۔ ٭ چنڊ صرف جسمن کي نور ڏي ٿو جڏهن ته چهره مصطفيٰ ايمان کي نور ڏي ٿو۔ ٭ چنڊ گھٽجدو آهي پوءِ وڌندو آهي جڏهن ته چهره مصطفيٰ گھٽجڻ کان محفوظ آهي۔ ٭ چنڊ کان عالَمِ اَجسام جو نظام قائم آهي، جڏهن ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان عالَمِ ايمان جو نظام قائم آهي۔ (مِراٰۃُ المَناجِيح، باب اسماء النبي۔۔۔الخ،الفصل الثاني،۸/۶۰)
آسماں کے چاند میں تو پھیکا پھیکا نور ہے آگیا وہ نور والا جس کا سارا نور ہے
صبح میلاد النبی ہے کیا سہانا نور ہے آگیا وہ نور والا جس کا سارا نور ہے
آنکھ والو آؤ دیکھو ماہِ طیبہ کی ضیا آسماں کے چاند میں تو پھیکا پھیکا نور ہے
تُو نہ ہوتا تو نہ ہوتا دو جہاں کا انتظام تُو زمیں کا نور ہے تُو آسماں کا نور ہے
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
چهرو مبارڪ سج جيان چمڪي رهيو هو
(3) هڪ ڀيري حضرت عمّار بن ياسر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي پوٽي حضرت ابو عبيده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حضرت ربيعه بنتِ مسعود رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي عرض ڪيو ته اوهان مون کي حضور پُرنُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حُسن و جمال جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو۔ انهن چيو: يا بُنَىَّ لَوْ رَأَيتَهُ رَأَيتَ الشَّمْسَ طَالِعَةً اي پٽ جيڪڏهن تون حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو چهرو مبارڪ ڏسين ها ته تون کي ائين لڳي ها ته جيئن سج چمڪي رهيو آهي۔ (دارمي ،باب في حسن النبي ،۱/۴۴)
سرڪار جي آمد…مرحبا،
سردار جي آمد …مرحبا، آمنه جي پياري جي آمد …مرحبا،
رسولِ مقبول جي آمد …مرحبا،
پياري جي آمد …مرحبا، سهڻي جي آمد …
مرحبا،
سچي جي آمد …مرحبا،
سهڻي جي آمد …مرحبا، دلبر جي آمد …مرحبا… مرحبا،
مُختار جي آمد …مرحبا،
پُرنور جي آمد …مرحبا، سراپا نور جي آمد …مرحبا
مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي