Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

آهي۔ پڇيو ويو: بَخيل ڪير؟ ارشاد فرمايائون: اَلَّذِي لَا يُصَلِّي عَلَيّ اِذْ سَمِعَ بِاِسْمِي، جنهن

منهنجو نالو ٻڌو ۽ مون تي دُرُودِ پاڪ نه پڙھيو۔ (القول البديع،الباب الثالث في التحذير من ترڪ الصلاۃ ۔۔۔الخ، ص۳۰۲)

عالم سڳورا فرمائن ٿا: هر مسلمان تي عمر ۾ هڪ ڀيرو درود شريف پڙھڻ فرض ۽ هر مجلس ۾ جتي بار بار حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ نالو ورتو وڃي هڪ ڀيرو واجب آهي ۽ هر ڀيري (جڏهن نالو اچي ته درود پڙھڻ) مستحب آهي۔ (مرآۃ المناجيح، ۲/۹۷)

سُوزَنِ گُمشُدہ ملتی ہے تبسُّم سے ترے                                                                                       شام کو صُبح بناتا ہے اُجالا تیرا

 

مختصر وضاحت: يعني اسان جي پياري آقا، نور واري مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مرڪڻ سبب اهڙو نُور نڪرندو آهي جنهن جي روشني ۾ گم ٿيل سُئي ملي ويندي آهي، ڄڻ ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مان نڪرڻ وارو نور رات جي اونداهي کي ڏينهن جي اُجالي ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي۔

درودِ پاڪ جا انوار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن روايت مان معلوم ٿيو ته نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سراپا نور هئا ۽ سندن جسمِ انور مان نور جون شعائون نڪرنديون هيون۔

اللہ رے! تیرے جسمِ منوّر کی تابِشیں                                                                                   اے جانِ جاں! میں جانِ تّجلا کہوں تجھے

مختصر وضاحت: يعني پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نوراني جسم ۾ نور جي ڀريل تجليات جي ڇا ڳالھ ڪجي۔ اي منهنجي جان جي جان (يعني اي منهنجا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) مان ته اوهان کي نور جي به جان چوندس۔

اهو به معلوم ٿيو ته وڏو بدنصيب آهي اهو شخص جيڪو پاڻ ڪريم عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جو نالو مبارڪ ٻڌي ۽ درود شريف نه پڙھي، اهڙو شخص بروزِ محشر آقا عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي زيارت کان به محروم رهندو ۽ دنيا ۽ آخرت جي کوڙ ڀلائين کان به محروم ٿي ويندو آهي۔ درودِ پاڪ پڙھڻ سان الله پاڪ جون رحمتون