Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay
(حدائقِ بخشش، ص۳۶۳)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
جيئن منقول آهي ته ولادت کان ڪجھ ڏينهن پهريان اصحابِ فيل جي هلاڪ ٿيڻ جو واقعو پيش اچڻ، فارس ۾ غير مسلمانن جي هڪ هزار سال کان ڀڙڪايل باھ ان جو هڪ گھڙي ۾ وسامجي وڃڻ، ڪسريٰ جي محل جو زَلۡزلو ۽ ان جي چوڏانهن (14) ڪنگرن جو ڪرڻ، ”همدان“ ۽ ”قُم“ نالي شهرن جي وچ ۾ ڇھ ميل ڊگھي ڇھ ميل ويڪري ”بُحَيرهٔ ساوَه“ نالي دريا جو اوچتو بلڪل سڪي (Dry) وڃڻ، حضورپُرنورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي والده جي بدن مُبارَڪ مان هڪ اهڙي نُور جو نڪرڻ، جنهن سان ”بصريٰ “ جا محل روشن ٿي ويا، اهي سڀ واقعا انهيء سلسلي جو حصو آهن ته حضورِاڪرم،نورِ مجسمصَلَّى
اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري کان پهريان ئي عالمِ ڪائنات کي خوشخبري ڏيڻ لڳا۔ (المواھب اللدنية وشرح الزرقاني،ولادته...الخ، ۱/۱۶۷ ،۲۲۱،۲۲۸،۲۲۷)
اندھیروںمیں بھٹکتے پھرنے والوں کو مبارک ہو تمہیں حق سے ملانے آج رہبر آنیوالا ہے
اگر نہ آج جھومو گے تو کب جھومو گے دیوانو! مچل جاؤ تمہارا آج یاور آنے والا ہے
(وسائلِ بخشش مرمم،ص۴۴۶تا۴۴۸)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً اسان جا نُوري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بي مثل ۽ بي مثال آهن، جنهن جو اندازو پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت سان به لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادتِ اقدس اهڙي ته پاڪيزه، مقدس ۽ پُرنُور ٿي ته جنهن جو ڪو مثال نه ڪڏهن پيش ڪيو ويو آهي ۽ نه ڪڏهن پيش ڪري سگھجي ٿو،
الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب، ڪل اُمّت جي طبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي