Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي چانڊوڪي رات ۾ ڳاڙهو (دھاري دار) جبو پاتل ڏٺو، مان ڪڏهن چنڊ ڏانهن ڏسان پيو ۽ ڪڏهن رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چهره اَنور کي ڏسان پيو، ته مون کي سندن چهرو چند کان به وڌيڪ خُوبصُورت نظر پئي آيو۔ (ترمذي،ڪتاب الأدب، باب ماجاء في الرخصۃ في لبس ۔۔۔الخ، ۴/۳۷۰، حديث :۲۸۲۰ )

مشهور مُفسرِ قرآن،حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَۃُ اللّٰه عَلَيه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ جيڪو ڪجھ لکيو آهي ان مان ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا: ٭ صَحابَهٔ ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جون نگاهون حقيقت بين نگاهون هيون، (يعني حقيقت ڏسڻ واريون هيون)۔ ٭ ڪيئي سببن جي ڪري نبي اڪرم، نورِ مجسمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو چهرو چنڊ کان به وڌيڪ حسين آهي۔ ٭ چنڊ صرف رات ۾ چمڪي ٿو، مصطفيٰ ڪريم جو چهرو ڏينهن رات چمڪي ٿو۔ ٭ چنڊ صرف ٽي راتيون (آب و تاب سان) چمڪي ٿو چهره مصطفيٰ هميشه هر ڏينهن ۽ هر رات چمڪي ٿو۔ ٭ چنڊ جسمن کي چمڪائيندو آهي چهرهٔ مصطفي