Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

قتاده بن نعمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان عشاء جي نماز پڙھي، سخت انڌيري رات ۽ آسمان تي ڪارا ڪڪر هئا، روانگي مهل نبي  ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي دست مبارڪ سان انهن کي وڻ جي هڪ ٽاري عطا فرمائي ۽ ارشاد فرمايائون ته توهان بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجي گھر وڃو! اها ٽاري توهان جي هٿ ۾ ائين روشن ٿي ويندي جو ڏھ ماڻهو توهان جي اڳيان ۽ ڏھ ماڻهو توهان جي پويان ان جي روشني ۾ هلي سگھندا ۽ جڏهن توهان گھر پهچندؤ ته هڪ ڪاري شيء کي ڏسندؤ ان کي ماري گھران ڪڍي ڇڏجو، پوءِ ائين ئي ٿيو جيئن ئي حضرت قتاده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ رسول ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ گهر مان نڪتا ته اها ٽاري روشن ٿي وئي ۽ اهي

ان جي روشني ۾ هلي پنهنجي گھر پهچي ويا ۽ ڏٺائون ته اتي هڪ ڪاري شيء موجود آهي پاڻ فرمان نبوت مطابق ان کي ماري گھران ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔ (المسند للامام احمد بن حنبل،مسندابي سعيد الخدري،الحديث:۱۱۶۲۴،ج۴،ص۱۳۱)

دستِ مبارڪ جي برڪت

(4)      حضرت عائذ بن سعيد جسري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ ٿيا ۽ عرض ڪيائون ته يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اوهان منهنجي چهري تي پنهنجو مبارڪ هٿ ڦيريو ۽ برڪت جي دُعا ڪريو، حضورِ انور، رسولن جي افسرصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ائين ئي ڪيو (يعني اُن جي چهري تي هٿ ڦيريائون ۽ برڪت لاءِ دُعا ڪيائون) اُن وقت کان حضرت عائذ رَضِىَ اللهُ عَنْه جو چهره ترو تازه ۽ نوراني رهندو هو۔ (الاصابه في تمييز الصحابه،عائذ بن سعيد ،۳/۴۹۳،رقم ۴۴۶۲)(سيرتِ رسولِ عربي صفحه۲۶۵)

چهرو چمڪندو هو

(5) حضرت ابو سِنان عبدي صباحيرَضِىَ اللهُ عَنْه جي چهري تي رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو مبارڪ هٿ ڦيريائون، انهن جي عمر 90 سال جي ٿي وئي پر سندن جو چهرو بجلي جيان چمڪندو هو۔ (الاصابه في تمييز الصحابه،ابو سنان العبدي ثم الصباحي ،۷/۱۶۴،رقم۱۰۰۶۶)

 

میں گدا تُو بادشاہ بھر دے پیالہ نور کا                         نور دن دُونا ترا دے ڈال صدقہ نور کا