Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

آهي :”آخري زماني ۾ دِين جو ڪم به دِرهم ۽ دِينار سان ٿيندو۔“ (المعجم الڪبير، ۲۰/۲۷۹،حديث:۶۶۰،ملخصاً) اڄ جي دور جا جيڪي تقاضا  آهن اهي ڪنهن سان لڪيل نه آهن، ان ڪري دِين جي ڪمن ۾ تعاون جي لاءِ پنهنجي صدقات، عطيات ۽ خيرات وغيره سان تعاون فرمايو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اوهان جو ڏنل صدقو دنيا ۽آخرت ۾ کوڙ فائدن جو سبب بڻجندو،

اِمامِ اهلسنّت،مجدّدِدِين و ملّت امام احمدرضاخانرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فتاويٰ رضويه جلد23،صفحي 152 تي صدقي جي فضيلتن بابت حديث مبارڪ مان حاصل ٿيل جيڪي فائدا ذڪر ڪيا آهن، تنهن ۾ هي به آهن: ٭ الله پاڪ جي حڪم سان (صدقو ڏيندڙ) بُري موت کان بچندا، ستّر دروازا بُري موت جا بند ٿيندا۔ ٭ ان( ڏڏيٿني صدقو ڏيندڙ) جون عُمرون گھڻيون ٿينديون۔ ٭ (صدقو ڏيندڙن وٽ) رزق جي وسعت، مال جي گھڻائي ٿيندي، ٭ (۽ صدقو ڏيندڙ) صدقو ڏيڻ جي عادت سبب ڪڏهن به محتاج نه ٿيندا۔ ٭ (صدقو ڏيندڙ) خير و برڪت ماڻيندا۔ ٭ (صدقو ڏيندڙن کان) آفتون بلائون پري ٿينديون، ٭ (صدقو ڏيندڙن کان) بُري قضا ٽرندي، ٭ (صدقو ڏيندڙن کان) ستر (70) دروازا برائي جا بند ٿيندا، ٭ (صدقو ڏيندڙن کان) ستر(70) قِسم جون بلا پري ٿينديون۔ ٭ (صدقو ڏيندڙن سان) مددِ الٰهي شامل ٿيندي۔ ٭ رحمتِ الٰهي انهن (يعني صدقو ڏيندڙن) جي لاءِ واجب ٿيندي۔ ٭ ملائڪه اُنهن (يعني صدقو ڏيندڙن) تي درود موڪليندا۔

ان کان علاوه به کوڙ دِيني ۽ دنيوي فائدا آهن جيڪي صدقي ڏيڻ سان حاصل ٿين ٿا، تنهنڪري ضرور بالضرور اوهان پاڻ به ٽيلي ٿون مهم ۾ تعاون ڪريو، پنهنجي مرحومن جي ايصالِ ثواب جي لاءِ ان ۾ يونٽ جمع ڪرايو، وڌيڪ نه هجي ته گھر جي هر فرد جي طرفان گھٽ ۾ گھٽ هڪ يونٽ ته ضرور جمع ڪرايو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو، يونٽ جمع ڪرڻ جو پنهنجو ڪو هدف بڻائي هيئنر کان ئي ان جي لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيو۔ الله پاڪ اوهان کي جزاءِ خير عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم