Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نور روشني کي چوندا آهن، چمڪ ڌمڪ کي چوندا آهن، سوجهري کي چوندا آهن، اسان ڏسون ٿا ته چنڊ به روشن آهي ۽ سج به روشن آهي۔ پر انهن ٻنهي جي روشني ۾ فرق آهي، چنڊ پنهنجي روشني سان روشن نه آهي بلڪ سج جي روشني سان روشن آهي۔ جڏهن ته سج نه صرف پاڻ روشن آهي بلڪ اهو پنهنجو نور به ٻين کي ورهائي رهيو آهي، چنڊ، تارا ۽ وڏيون وڏيون ڪهڪشائون ۽ بي شمار سيارا ۽ تارا اهي سڀ جا سڀ سج جي نور سان روشن آهن۔

بِلاتشبيه اسان جي نور نور آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به نورانيت جا سج آهن، نورِ حقيقي هجي يا نورِ عقلي ۽ معنوي هجي، مديني جا تاجدار، حبيبِ پروردگار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻنهي جا مرڪز ۽ مرجع آهن۔ ڪيئي صحابَه ڪرام ۽ صحابيات عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان پاڻ ڪريم عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي نور جو مشاهدو ڪيو ۽ روايتن ۾ بيان به فرمايو۔ اچو انهيء باري ۾ ٽي روايتون ٻڌون ٿا:

حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مرڪيا ته هر پاسي روشني ٿي

(1)                حضرت هند بن ابي هاله رَضِىَ اللهُ عَنْه جو بيان آهي ته نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڳل مبارڪ نرم ۽ نازڪ ۽ هموار هئا ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو منه فراخ، ڏند ڪشاده ۽ روشن هئا، جڏهن پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گفتگو ڪندا هئا ته سندن ٻنهي اڳين ڏندن جي وچ مان هڪ نور نڪرندو هو ۽ جڏهن به اونداهي ۾ پاڻ مُرڪند هئا ته ڏندن مبارڪ جي چمڪ سان روشني ٿي ويندي هئي۔ (الشمائل المحمديۃ ، باب ماجاء في خلق رسول الله،الحديث:۷،۱۴،ص ۲۲،۲۱ ملخصاً)

مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جهڙو ڪو آيو ئي ناهي

(2)      حضرت سَيدُنا جابر بن سَمُره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون رَسُوْلُ الله