Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay
1. الهدي و الرشاد ۲/۴۰)
اللہ رے تیرے جسمِ منور کی تابشیں اے جانِ جاں! میں جانِ تجلّٰی کہوں تجھے
(حدائقِ بخشش، ص۱۷۴)
مختصر وضاحت: يعني پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نوراني جسم ۾ نور جي ڀريل تجليات جي ڪهڙي ڳالھ ڪيان۔ اي منهنجي جان جي جان(يعني اي منهنجا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ) مان ته اوهان کي نور جي به جان چوندس۔
سرڪار جي آمد…مرحبا،
سردار جي آمد …مرحبا، آمنه جي پياري جي آمد …مرحبا،
رسولِ مقبول جي آمد …مرحبا،
پياري جي آمد …مرحبا، سٺي جي آمد …
مرحبا،
سچي جي آمد …مرحبا،
سهڻي جي آمد …مرحبا، دلبر جي آمد …مرحبا… مرحبا،
مُختار جي آمد …مرحبا،
پُرنور جي آمد …مرحبا، سراپا نور جي آمد …مرحبا
مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)
سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ته! شيخِ طريقت، اَمِيرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي ”101 مَدَني گُل“ مان جُتي پائڻ جون سُنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا. ٭ فرمان