Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay
اهڙو بي مثل ۽ بي مثال بڻايو آهي جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ زندگي جو هر پهلو به بي مثل ۽ بي مثال آهي، ايستائين جو سندن ولادتِ باسعادت به اهڙي آهي جو نه ڪنهن جي اهڙي ولادت ٿي آهي نه ٿيندي۔ جڏهن پاڻ عَلَيه السَّلَام جي ولادت ٿي ته ڄڻ ته هر پاسي نُور جي برسات ٿيڻ لڳي ۽ ڄڻ سڄي ڪائنات جڳمڳائڻ لڳي ۽ هر پاسي نور ئي نور ٿي ويو۔ اچو هن طرح جا ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا:
حضرت عثمان بن ابي العاص رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته منهنجي والده مون کي ٻڌايو ته مان ان رات حضرت سيدتنا آمنه رَضِىَ اللهُ عَنْها وٽ هيس، جنهن رات رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ٿي، مون گھر ۾ هر پاسي روشني ۽ نُور ڏٺو ۽ محسوس ڪندي هيس ڄڻ تارا قريب کان قريب تر ٿي رهيا آهن۔ ايستائين جو مون کي ائين لڳو ته اهي تارا مون مٿي ٽٽي پوندا، پوءِ جڏهن سرڪارِ نامدار، حبيبِ پروردگار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن ڪائنات ۾ تشريف فرما ٿيا
ته هڪ نُور ظاهر ٿيو جنهن سان هر شيء روشن ٿي وئي، ايستائين جو نُور کان سواءِ ڪجھ نظر نه ايندو هو۔ (الخصائص الڪبري، باب ما ظهر في ليلۃ مولده من المعجزات و الخصائص،۱/۷۸ )
گود میں عالمِ شباب حالِ شباب کچھ نہ پوچھ گُلبنِ باغِ نور کی اور ہی کچھ اُٹھان ہے
(حدائقِ بخشش،ص۱۷۹)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
حضرت صفيه بنت عبد المطلب رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون: حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي وقت مان حضرت سيدتنا آمنه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي خدمت ۾ حاضر هئس، مون ڏٺو ته حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نُور، چراغ جي نور تي غالب اچي رهيو آهي، ان رات مون ڪجھ نشانيون ڏٺيون۔