Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

      اهڙي طرح سيپاري 30 سورهٔ طارق، آيت نمبر 1تا3 ۾ ارشاد آهي:

وَ السَّمَآءِ وَ الطَّارِقِۙ(۱) وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا الطَّارِقُۙ(۲) النَّجْمُ الثَّاقِبُۙ(۳) (پ۳۰،الطارق:۱،۲،۳،)

ترجَمَو ڪنزالايمان: آسمان جو قسم ۽ رات جو اچڻ واري جو. ۽ تو کي ڪا خبر پئي اهو رات جو اچڻ وارو ڇا آهي. خوب چمڪندڙ تارو.

هن آيت سڳوري ۾ النَّجْمُ الثَّاقِب مان مراد نورِ مجسم سيدِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ

 وَسَلَّم جي ذات آهي۔ (شفاءشريف،۱/۳۷)

      اهڙي طرح سيپاري 30 سورهٔ وَ الضُّحٰي آيت نمبر 1 اور2 ۾ ارشاد آهي:

وَ الضُّحٰىۙ(۱) وَ الَّیْلِ اِذَا سَجٰىۙ(۲) (پ۳۰، الضُّحٰي:۱،۲)

 ترجَمَو ڪنزالايمان: چڙهندڙ ڏينهن جو قسم ۽ رات جو جڏهن پردو وجهي.

مفسر سڳورا فرمائن ٿا: چاشت مان جمالِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نور ڏانهن اشارو آهي ۽ رات مان پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ وارن ڏانهن اشارو آهي۔ (روح البيان، الضّحي، تحت الآيۃ: ۲، ۱۰/۴۵۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نور ڇا کي چئبو آهي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نور جي معنيٰ آهي: روشني، چمڪ ڌمڪ ۽ سوجھرو۔ ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو جنهن مان روشني ۽ سوجهرو ظاهر ٿئي ان کي به نور چيو ويندو آهي۔ جيئن سج کي نور چوندا آهن ان ڪري جو ان مان نور نڪرندو آهي۔ اهڙي طرح چراغ، لالٽين (Lantern) وغيره کي به نور چيو ويندو آهي۔ (رسالَهٔ نور مع رسائل نعيميه، ص ۴ بتغير)

نور جا ٻه قسم آهن: (1) نُورِ حِسّي              (2) نورِ عَقلي

نورِ حسّي ان نُور کي چيو ويندو آهي جيڪو اکين سان نظر اچي۔ جيئن اُس، چراغ ۽ بجلي وغيره جي روشني۔

نورِ عقلي ان نُور کي چئبو آهي جيڪو اکين سان محسوس ته نه ڪري