Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ ڪم ”مَدرَسةُ المدينه بالِغان“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رحمت عالم، نورِ مُجسّمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت وڌائڻ، انهن جي نور جي خيرات ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته (Attached) ٿي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مَدرَسةُ المدينه بالِغان“ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان دُرُست قرآنِ ڪريم پڙھڻ نصيب ٿيندو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان نماز، وُضو ۽ غُسْل وغيره ضروري اَحڪام سکڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، ٭ مَدْرَسة المدينه بالِغان ۾ حاضِري جي بَرَڪت سان چڱي صُحبت مُيسّر ٿيندي آهي،٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ پڙھائڻ جي سعادت ملندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان عِلمِ دِين جي دَولت نصيب ٿيندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان چڱا اَخلاق اپنائڻ جو موقعو ملندو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو آهي، تنهنڪري دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان هر دَم وابسته رهو ۽ ان جون خوب خوب برڪتون حاصل ڪريو، اچو! مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ پڙھڻ جي بَرَڪت تي مُشتَمِل هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

بدنگاهي جي عادت کان نجات ملي وئي

بابُ المدينه (ڪراچي) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان فلمون ڊِراما ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ ۽ بدنگاهي ڪرڻ جو عادِي هو، نمازن جي پابندي جو به ذِهن نه هو، ڪنهن اسلامي ڀاءُ اِنفِرادي ڪوشِش ڪندي ان کي مَدرَسة المدينه (بالِغان) ۾ شِرڪت جي دعوت ڏني، اُن مَدرَسة المدينه (بالِغان) ۾ پڙھڻ شُروع ڪيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدرَسة المدينه