Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان آقا ڪريم، رءوف رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نورانيت بابت ٻڌي رهيا هئاسين، پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام سراپا نور هئا، صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سندن جسمِ اقدس مان نور جون شعاعون نڪرندي ڏسندا هئا، اهڙي طرح اهو به منقول آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جنهن شيء کي چاهيندا هئا ان کي به نور ورهائڻ وارو بڻائي ڇڏيندا هئا، اچو ته! نورِ نور آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نور ورهائڻ بابت 5 واقعا ٻڌون ٿا:
(1) حضرتِ سَيدُنا اَسِيد بن اَبي اناس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: رسول ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيري منهنجي چِهري ۽ سيني تي پنهنجو نوراني هٿ ڦيريائون، ان جي بَرَڪت هي ظاهر ٿي ته مان جڏهن به ڪنهن اونداهي گھر ۾ داخِل ٿيندو آهيان، اهو گھر روشن ٿي ويندو آهي۔ (الخَصائِصُ الڪبْري،۲ /۱۴۲وتاريخ دمشق،۲۰/۲۱)
(2)حضرت سيدنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيان فرمائن ٿا ته ٻه صحابي حضرت اُسيد بن حضير ۽ عباد بن بشر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا اونداھي رات ۾ گھڻي دير تائين حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گفتگو ڪندا رهيا، جڏهن هي ٻئي بارگاھ رسالت مان پنهنجي گھرن ڏانهن روانا ٿيا ته هڪ جي لٺ (Stick) خود بخود روشن ٿي وئي ۽ هو ٻئي انهيءَ لٺ جي روشني ۾ هلندا رهيا جڏهن ڪجھ پري هليا تان جو ٻنهي جي گھرن جي واٽ جدا ٿي ته ٻئي جي لٺ به روشن ٿي وئي ۽ ٻنهي پنهنجي پنهنجي لٺ جي روشني جي سهاري سخت اونداھي رات ۾ پنهنجي پنهنجي گھرن تائين پهچي ويا۔ (مشڪاۃ المصابيح،ڪتاب الفضائل والشمائل،باب الڪرامات، الحديث:۵۹۴۴، ج۲، ص۳۹۹)
(3) حضرت ابوسعيد خدري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حضرت